منهنجو تعارف

Development Professional · Entrepreneur · Content Creator

Gulshan Zahid
منهنجو نالو گلشن محمد بخش درس آهي ۽ منهنجو تعلق حيدرآباد، سنڌ سان آهي. بابا جي وفات کان پوءِ زندگيءَ جو اهو دور شروع ٿيو، جنهن مون کي وقت کان اڳ گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيو. ڪجهه خواب پوئتي رهجي ويا، ذميواريون اڳيان اچي ويون ۽ مون کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪرڻي پئي.

“زندگی کی یہی ریت ہے،
ہار کے بعد ہی جیت ہے…”

هن وقت مان پنهنجي فيملي سان عراق جي شهر اربيل ۾ رهائش پذير آهيان. زاهد حسين جلباڻي صاحب منهنجو جيون ساٿي آهي، جيڪي هن وقت هڪ اين جي او اسلامڪ ريليف عراق ۾ ڪنٽري ڊاريڪٽر طور ڪم ڪري رهيا آهن. اربيل، عراق جي اتر ۾ واقع ڪردستان ريجن جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ڪردستان ريجن عراق جو حصو آهي، پر ان کي عراقي آئين تحت وفاقي علائقي جي حيثيت حاصل آهي، جنهن جي پنهنجي علائقائي حڪومت ۽ پارليامينٽ آهي. ان ڪري هتي رهندي مون کي عراق جي هڪ اهڙي حصي کي ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي، جنهن جي ٻولي، ثقافت ۽ روزمرهه جي زندگيءَ جو پنهنجو الڳ رنگ آهي.

تعليم جي حوالي سان مون ٻه ماسٽرز ڪيا آهن. منهنجي پهرين ماسٽرز اسلامڪ ڪلچر ۾ هئي. ان وقت منهنجو ارادو سرڪاري شعبي ڏانهن وڃڻ جو هو ۽ مون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان به ڏنا. پر زندگي آهستي آهستي مون کي Development Sector ڏانهن وٺي وئي. جڏهن محسوس ڪيم ته منهنجو ڪم سماج، ماڻهن ۽ سماجي مسئلن سان وڌيڪ جڙيل آهي ته مون ٻي ماسٽرز Sociology ۾ ڪئي.

منهنجو پروفيشنل سفر لڳ ڀڳ 2002ع کان شروع ٿيو. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪم ڪندي زندگيءَ جا ڪيترائي مرحلا گڏ هلندا رهيا — نوڪري، شادي، گهر ۽ خاندان جون ذميواريون. ڪڏهن هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي، ته ڪڏهن هڪ نوڪري کان ٻي تجربي ڏانهن.

پوءِ زندگيءَ هڪ وڏو موڙ ورتو ۽ اسان اسلام آباد منتقل ٿياسين. مون اتي هڪ ڳالهه عملي طور محسوس ڪئي ته ڪڏهن ڪڏهن هجرت واقعي انسان لاءِ نوان در کوليندي آهي. نئون شهر هو، نوان ماڻهو ۽ وري پاڻ کي نئين سر establish ڪرڻو هو. نوڪريءَ لاءِ apply ڪرڻ شروع ڪيم، نوڪري ملي به، پر لڳ ڀڳ هڪ سال کان پوءِ اها ختم ٿي وئي.

۽ شايد منهنجي ڪهاڻيءَ جو اصل دلچسپ حصو اتان شروع ٿئي ٿو.

نوڪري ختم ٿيڻ کان پوءِ مون پاڻ کي گهر ۾ ويهڻ نه ڏنو. مختلف international trainings ۽ opportunities لاءِ applications موڪلڻ شروع ڪيم. مسلسل ڪوشش جو نتيجو اهو نڪتو جو ٿوري ئي عرصي ۾ مون کي Uganda، South Korea ۽ United States سميت مختلف ملڪن ۾ training ۽ learning opportunities مليون. اهي سفر مون اڪيلي ڪيا. پر ان وقت منهنجي لاءِ منهنجي مڙس جي support تمام اهم هئي؛ مان ٻاهر پنهنجي سکيا ۽ سفر تي هيس ۽ هو پٺيان گهر ۽ سندس آفيس جون ذميواريون به سنڀالي رهيو هو.

واپس اچي وري نوڪري ڪئي، پر زندگي مون کي هڪ ئي رستي تي گهڻو وقت هلڻ نه ڏنو. هڪ مرحلي تي مون پاڻ کان سوال ڪيو: ڇو نه پنهنجو ڪو ڪم شروع ڪجي؟

ان سوچ مان منهنجي ڪپڙن جي ڪاروبار جي شروعات ٿي. آهستي آهستي ڪم وڌيو ۽ COVID-19 واري دور ۾ به منهنجي ڪاروبار سٺو growth ڏٺو. اهو مرحلو مون کي هڪ ٻي سڃاڻپ ڏني — Development Professional سان گڏ Entrepreneur جي.

ان دوران منهنجي مڙس جي نوڪري پهرين سوڊان ملڪ ۽ پوءِ عراق ۾ ٿي. ڪجهه عرصو مان پنهنجي پٽ سان اسلام آباد ۾ اڪيلي به رهيس. زندگي بظاهر settle ٿي رهي هئي، پر پوءِ وري هڪ فيصلو سامهون آيو.

اسان جو ارادو هو ته پٽ جي اسڪولنگ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ کيس به ٻاهرين ملڪ پڙهڻ لاءِ موڪليون. هو پنهنجي تعليم لاءِ ملائيشيا هليو ويو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ مان به پنهنجو هلندڙ ڪاروبار، پنهنجي routine ۽ اسلام آباد واري قائم ڪيل زندگي ڇڏي عراق اچي ويس.

اهو فيصلو ٻاهران شايد سادو لڳي، پر منهنجي لاءِ ائين نه هو.

اربيل اچڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڄڻ زندگيءَ جو Reset button دٻجي ويو. مڙس پنهنجي نوڪريءَ ۾ مصروف هو، پٽ ٻاهر پڙهي رهيو هو ۽ مان جيڪا سالن کان نوڪري، ڪاروبار، ماڻهن ۽ مصروفيتن جي وچ ۾ رهي هيس، اوچتو گهڻو وقت گهر تائين محدود ٿي ويس.

شروع جا سال سفرن، نون هنڌن ۽ نئين ماحول کي سمجهڻ ۾ تيزيءَ سان گذري ويا، پر هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن مون محسوس ڪيو ته مسلسل گهر ۾ رهڻ منهنجي confidence ۽ پنهنجي صلاحيتن بابت احساس تي اثر وجهي رهيو آهي.

پر منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ عادت بار بار مون کي بچائيندي رهي آهي:
مان پاڻ کي گهڻو وقت هڪ هنڌ بيهڻ نٿي ڏيان.

مون ٻيهر ماڻهن سان ملڻ شروع ڪيو، social gatherings ۾ ويس، سفر ڪيا، لکڻ شروع ڪيو، پنهنجن تجربن کي لفظن ۾ آندو ۽ وري هڪ نوڪريءَ جو موقعو مليو ته ڪم به ڪيو. ساڳئي وقت سفرناما لکڻ ۽ Social Media تي Content Creation منهنجي زندگيءَ جو نئون حصو بڻجي ويا.

اڄ مان پاڻ کي رڳو ڪنهن هڪ designation سان introduce نٿي ڪريان. مان Development Professional، Entrepreneur، سفرناما لکندڙ ۽ Content Creator آهيان. ڪڏهن نوڪري ڪئي اٿم، ڪڏهن ڪاروبار، ڪڏهن سفر منهنجو استاد بڻيو آهي ۽ ڪڏهن وري زندگيءَ مون کي سڀ ڪجهه ڇڏي نئين سر شروعات ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي.

پنهنجي زندگيءَ مان مون هڪ ڳالهه ضرور سکي آهي:
هر نئين شروعات لاءِ عمر، شهر يا حالتون perfect هجڻ ضروري ناهن. ڪڏهن اوهان کي پاڻ ئي پنهنجي لاءِ نئون رستو ٺاهڻو پوندو آهي.

هاڻي منهنجي زندگيءَ جو هڪ مقصد پنهنجي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ به ڪجهه ڪرڻ آهي. شايد مان هر مسئلو حل نه ڪري سگهان، پر جيڪو منهنجي وس ۾ آهي، اهو ضرور ڪرڻ چاهيان ٿي. اهو ئي سبب آهي جو مان پنهنجي Content جو وڏو حصو سنڌي ٻوليءَ ۾ ٺاهيان ٿي، جيئن پنهنجا تجربا، سفر، سکيا، نوڪرين ۽ موقعن بابت معلومات پنهنجي ماڻهن تائين سندن پنهنجي ٻوليءَ ۾ پهچائي سگهان. منهنجو علم، تجربو يا معلومات جيڪڏهن ڪنهن هڪ ماڻهوءَ لاءِ به نئون رستو کولي سگهي، ته مان ان کي پنهنجي ڪوشش جي ڪاميابي سمجهنديس. جيڪو منهنجي وس ۾ هوندو، پنهنجي سنڌ ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ ضرور ڪنديس. جيئي سنڌ، سدائين گڏ.
“زندگی کی یہی ریت ہے، ہار کے بعد ہی جیت ہے…”
— Gulshan Zahid
منهنجو سفر فالو ڪريو