10 آگسٽ 2024 · سفري ڪهاڻيون

يورپ سفرنامو – قسط 1

جرمني

شينگن ويزا کان جرمني تائين... هڪ خواب جي شروعات. آگسٽ 2024 ۾ يورپ جي هڪ مهيني واري يادگار سفر جي شروعات ڪولون کان ٿي.

يورپ سفرنامو – قسط 1
شينگن ويزا کان جرمني تائين... هڪ خواب جي شروعات
ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪجهه خواب اهڙا هوندا آهن، جيڪي سالن تائين صرف خواب ئي رهندا آهن. پر جڏهن اهي حقيقت بڻجن، ته انهن جي خوشي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.
اسان سان به ڪجهه ائين ئي ٿيو.
جڏهن اسان جي پاسپورٽس تي شينگن ويزا لڳي، ته اها رڳو هڪ ويزا نه هئي، پر يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جا دروازا اسان لاءِ کلي ويا هئا. خوشي به هئي، شڪر به هو، ۽ دل ۾ هزارين خيال به هئا ته هاڻي هڪ نئين دنيا کي پنهنجي اکين سان ڏسنداسين.
آگسٽ 2024 تي آخرڪار اهو ڏينهن اچي ويو، جنهن جو اسان انتظار ڪري رهيا هئاسين. بيگز تيار هئا، ڪئميرا تيار هو، دل ۾ جوش هو، ۽ اکين ۾ نوان خواب.
اسان جو يورپ جو سفر جرمني کان شروع ٿيو.
جرمني وڃڻ جو اصل مقصد رڳو گهمڻ ڦرڻ نه هو. زاهد کي پنهنجي ڪم جي حوالي سان هڪ اهم پروفيشنل مصروفيت هئي. اهو مرحلو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اسان فيصلو ڪيو ته جڏهن شينگن ويزا ملي ئي ويو آهي، ته ڇو نه هن موقعي مان ڀرپور فائدو وٺجي ۽ يورپ جا ٻيا ملڪ به گهمجن.
اها ئي سوچ اسان جي هڪ مهيني جي يادگار سفر جي شروعات بڻجي.
اسان جو قيام جرمني جي خوبصورت شهر ڪولون (Cologne) ۾ هو. هي شهر پنهنجي شاندار تاريخ، دلڪش ماحول ۽ دنيا جي مشهور ڪولون ڪيٿيڊرل (Cologne Cathedral) جي ڪري سڄي دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. هتي پهچندي ئي محسوس ٿيو ته هي شهر پنهنجي قديم تاريخ ۽ جديد زندگيءَ جو هڪ خوبصورت ميلاپ آهي، جتي هر گهٽي ۽ هر عمارت پنهنجي الڳ ڪهاڻي ٻڌائي ٿي.
رات جو اسين Hohenzollern Bridge تي وياسين، جيڪو محبت جي تالن (Love Locks) جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. هزارين جوڙا پنهنجي محبت جي ياد ۾ هتي تالا لڳائي، چاٻي درياهه رائن ۾ اڇلائيندا آهن. رات جي روشنيءَ ۾ پل، سامهون روشن ڪيٿيڊرل ۽ هيٺ وهندڙ رائن درياهه... اهو منظر اڄ به اکين آڏو تازي تصوير وانگر بيٺو آهي.
جرمني جي هڪ ٻي ڳالهه جيڪا اسان لاءِ تمام دلچسپ هئي، اها هئي هتان جا مشهور Autobahn. انهن مان ڪجهه هاءِ ويز تي قانوني طور رفتار جي ڪا مقرر حد ناهي، تنهنڪري ماڻهو پنهنجي گاڏي روڊ جي حالتن مطابق تمام تيز به هلائي سگهن ٿا. اهو اسان لاءِ بلڪل نئون تجربو هو، ڇو ته اسان جي ملڪن ۾ هاءِ ويز تي رفتار جون حدون مقرر هونديون آهن.
جرمني ۾ گذاريل هر ڏينهن اسان کي ڪجهه نئون سيکاريو. هتي جي صفائي، وقت جي پابندي، ماڻهن جو نظم وضبط۽ قانون جو احترام واقعي قابلِ تعريف آهي.
اسان کي اهو به محسوس ٿيو ته سفر رڳو نيون جايون ڏسڻ جو نالو ناهي، پر هر ملڪ مان ڪجهه سکڻ جو نالو به آهي.
جيڪڏهن توهان ڪولون وڃو ۽ ايڊونچر، تفريح يا خانداني سفر پسند ڪريو ٿا، ته فينٽيشيالينڊ ضرور گهمو. هي جرمني جي مشهور ۽ اعليٰ معيار جي ٿيم پارڪن مان هڪ آهي، جيڪو برول (Brühl) شهر ۾ واقع آهي ۽ ڪولون کان صرف 20 کان 30 منٽن جي مفاصلي تي آهي.
پارڪ کي مختلف ٿيم ورلڊز ۾ ورهايو ويو آهي، جتي هر علائقو پنهنجي الڳ ڊيزائن، ماحول ۽ ڪهاڻي رکي ٿو. هتي دنيا جي مشهور رولر ڪوسٽر، دلچسپ واٽر رائيڊون، ٻارن لاءِ راندين جا علائقا، لائيو شوز ۽ تفريحي پروگرام موجود آهن، جيڪي هر عمر جي ماڻهن کي لطف اندوز ڪن ٿا.
پارڪ اندر مختلف ملڪن جي ثقافتن کان متاثر ريسٽورنٽ، ڪيفي ۽ خوبصورت جايون پڻ آهن، جتي توهان آرام سان وقت گذاري سگهو ٿا ۽ يادگار تصويرون وٺي سگهو ٿا.
منهنجي لاءِ فينٽيشيالينڊ جو تجربو هن يورپ جي سفر جي سڀ کان يادگار لمحن مان هڪ هو. جيڪڏهن توهان خاندان يا دوستن سان گڏ سفر ڪري رهيا آهيو، ته پنهنجي سفر لاءِ هڪ مڪمل ڏينهن هن پارڪ لاءِ ضرور رکو، ڇو ته هتي ڏسڻ ۽ ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه موجود آهي.
جرمني ۾ ڪجهه يادگار ڏينهن گذارڻ کان پوءِ اسان پنهنجي ايندڙ منزل، نيدرلينڊ ڏانهن روانا ٿياسين... جتي اسان جو انتظار هڪ اهڙوشخص ڪري رهيو هو، جنهن جي موجودگيءَ نيدرلينڊ کي اسان لاءِ پرڏيهه نه، پر پنهنجو گهر بڻائي ڇڏيو.
اهو احوال ايندڙ قسط ۾...
سفر جاري آهي... گڏ رهجو.

هن سفر جون تصويرون