يورپ سفرنامو — وري هالينڊ ڏانهن
پرديس ۾ جڏهن پنهنجو ڪو ملي وڃي، ته پرديس به پنهنجو لڳڻ لڳي ٿو
هاڻي سفر پنهنجي آخري مرحلي ڏانهن وڌي رهيو هو. اسان وري هالينڊ وڃي رهيا هئاسين، ۽ ان جو هڪ اهم سبب اهو هو ته اسان جو ڪجهه سامان اڃا اسان جي دوست صابر جروار جي گهر پيل هو.
هاڻي سوچيان ٿي ته صابر جي اها صلاح اسان لاءِ ڪيتري فائديمند ثابت ٿي هئي، جڏهن هن شروع ۾ ئي چيو هو ته باقي يورپ گهمڻ لاءِ پاڻ سان گهٽ سامان کڻو ۽ اضافي بيگ هتي ڇڏي وڃو. ان وقت شايد اها رڳو هڪ دوست جي عملي صلاح لڳي هئي، پر جرمني، بيلجيم، فرانس، لگزمبرگ ۽ سوئزرلينڊ ۾ ٽرينون، بسون، اسٽيشنون، ڏاڪڻيون ۽ هوٽلون بدلائيندي اسان کي خبر پئي ته سفر ۾ هڪ اضافي سوٽ ڪيس به ڪڏهن ڪڏهن هڪ اضافي مصيبت بڻجي ويندو آهي. جيڪڏهن سڄو سامان پاڻ سان کڻي نڪتا هجون ها ته شايد يورپ جي خوبصورتيءَ سان گڏ اسان جي سفرنامي ۾ سوٽ ڪيسن جون شڪايتون به ٻيڻيون هجن ها.
ايمسٽرڊيم جي Schiphol Airport تي جهاز مان لٿاسين ته صابر جون اڳواٽ ڏنل هدايتون ياد هيون: ”ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪري پريشان نه ٿجو، ريلوي اسٽيشن ايئرپورٽ سان ئي ڳنڍيل آهي. اتان ٽرين وٺجو.“
پر Schiphol ايئرپورٽ پاڻ ايترو وڏو هو جو جهاز مان لهڻ کان پوءِ هلندي هلندي محسوس ٿيو ته ڄڻ ٽرين تائين پهچڻ کان اڳ به ڪو ننڍڙو سفر ڪرڻو پوندو. مسلسل ڇهه ملڪ گهمڻ کان پوءِ اسان وٽ شروعات وارن ڏينهن جهڙي توانائي به نه بچي هئي. هاڻي هر ڊگهو corridor ڏسي دل چوندي هئي، ”اڃا ڪيترو هلڻو آهي؟“
آخرڪار ريلوي اسٽيشن تائين پهتاسين ته مان وري هڪ لمحي لاءِ بيهي ان نظام کي ڏسڻ لڳيس. جهاز مان لهو ۽ ساڳي وڏي transport network مان ٽرين وٺي ملڪ جي ٻئي شهر ڏانهن روانا ٿي وڃو. سفر دوران اهڙين ننڍين سهولتن مون کي بار بار سوچڻ تي مجبور ڪيو ته ڪنهن ملڪ جي ترقي رڳو وڏين عمارتن ۾ نه، پر ان ڳالهه ۾ به نظر اچي ٿي ته هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين پهچڻ ڪيترو آسان بڻايو ويو آهي.
اسان ٽرين ورتي ۽ Amersfoort ڏانهن روانا ٿياسين، جتي صابر اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. ٽرين مان لهڻ کان پوءِ وري بس ورتيسين. بس اسان کي صابر جي گهر کان لڳ ڀڳ ڏهن منٽن جي پنڌ تي لاهي وئي. اتان پنهنجا بيگ ڇڪيندا هلندا آخرڪار گهر پهتاسين.
صابر اڳ ئي اسان کي گهر جي هڪ اضافي چاٻي ڏئي ڇڏي هئي. چيائين ته جيڪڏهن مان آفيس يا ڪنهن meeting ۾ هجان ته اوهان ٻاهر انتظار نه ڪجو، پاڻ اندر هليا اچجو.
پرديس ۾ اهڙي ننڍڙي چاٻي به ڪڏهن ڪڏهن رڳو دروازو نه کوليندي آهي، اها اوهان لاءِ اجنبي ملڪ ۾ پنهنجائپ جو احساس به کوليندي آهي.
اسان جي هن يورپ واري سفر ۾ مون اڃا هڪ تمام معمولي، پر ڊگهي سفر لاءِ اهم ڳالهه نه لکي هئي ڪپڙا آخر ڌوئيندا ڪٿي هئاسين؟
ڇهه ملڪ گهمڻ لاءِ ڪو ماڻهو سڄي الماري ته سوٽ ڪيس ۾ کڻي نٿو هلي سگهي. ڪپڙا گهٽ کڻو ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڌوئڻا پوندا، ۽ هر شهر ۾ laundry ڪرائڻ سان خرچ به وڌندو. جڏهن پهريون ڀيرو جرمني کان هالينڊ صابر وٽ آيا هئاسين ته استعمال ٿيل ڪپڙا اتي ئي ڌوئي ڇڏيا هئاسين، ۽ هاڻي واپس پهتاسين ته وري ٻنهي بيگن ۾ ڌوئڻ لاءِ ڪپڙا گڏ ٿيل هئا.
صابر جي گهر ۾ laundry لاءِ الڳ جاءِ هئي، ۽ اتي washing ۽ drying جو اهڙو نظام ڏٺم جو مون کي پنهنجي گهر واري automatic washing machine به ان وقت سادي لڳڻ لڳي! هڪ مشين ۾ ڪپڙا ڌوپجن، ٻي ۾ سڪي وڃن، ۽ پوءِ تقريباً پائڻ لاءِ تيار. جاءِ به ايتري وڏي هئي جو مون دل ۾ سوچيو، ”اسان وٽ پاڪستان ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن ايتري جاءِ ۾ سڄو bathroom ٺهي وڃي!“
سفرنامن ۾ اسين گهڻو ڪري جبلن، دريائن، عمارتن ۽ مشهور جڳهن جو ذڪر ڪندا آهيون، پر ڊگهي سفر جي اصل زندگي انهن ننڍڙين شين مان به ٺهي ٿي—ڪٿي ڪپڙا ڌوئبا، سامان ڪٿي رکبو، فون ڪيئن چارج ٿيندو، ۽ ٿڪل جسم کي ٻن ڏينهن لاءِ گهر جهڙي جاءِ ڪٿي ملندي. صابر جو هالينڊ ۾ هجڻ اسان لاءِ انهيءَ ڪري ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هو.
سوئزرلينڊ ۾ هئاسين ته هڪ ڏينهن منهنجي فون تي منهنجي اسڪول واري پراڻي سهيلي تسليم جو فون آيو.
”گلشن، تون هالينڊ ۾ آهين؟“
مون چيو، ”هئاسين، پر هن وقت سوئزرلينڊ ۾ آهيون. واپس وري هالينڊ اچڻو آهي.“
تسليم سان منهنجي دوستي اڄ جي نه هئي؛ اها زندگيءَ جي ان دور جي هئي، جڏهن نه اسان کي خبر هئي ته هڪ ڏينهن هوءَ هالينڊ ۾ هوندي ۽ نه مون کي خبر هئي ته مان يورپ جي سفر دوران کيس اتي وڃي ملنديس. اسان اسڪول ۾ گڏ پڙهياسين هو ڪلاس جي مانيٽر هئي آئون هيڊ گرل. تسليم The Hague ۾ رهندي هئي ۽ اسان Amersfoort ۾ هئاسين. طئي ٿيو ته هڪ ڏينهن خاص سندس لاءِ رکبو.
جڏهن ملاقات جو ڏينهن آيو ته هاڻي يورپ جو transport system اسان لاءِ پهرين ڏينهن جهڙو معمّو نه رهيو هو. تسليم رستو ٻڌائي ڇڏيو ٽرين کان پوءِ ڪهڙي ٽرام وٺڻي آهي ۽ ڪٿي لهڻو آهي. ڪجهه هفتا اڳ ڪو اهڙو رستو ٻڌائي ها ته شايد مان ڏهه سوال پڇان ها؛ هاڻي حالت اها هئي ته ڪو رڳو address موڪلي، مان چوان: ”ٺيڪ آهي، پهچي وينداسين.“
سفر جو هڪ فائدو اهو به آهي ته دنيا جي نقشي سان گڏ انسان جي پنهنجي اعتماد جو نقشو به وڏو ٿيندو وڃي ٿو.
آخرڪار اسان The Hague پهتاسين ۽ اتان Scheveningen طرف وياسين. سامهون سمنڊ، ڊگهو beach ۽ pier ڏسي مون کي ڪجهه سڃاتل سڃاتل محسوس ٿيو. بعد ۾ خبر پئي ته Hum Tum فلم ۾ راني مکرجي ۽ سيف علي خان جا منظر به Scheveningen جي pier تي فلمايا ويا هئا.
پر ان ڏينهن مون لاءِ فلمي جڳهه کان وڌيڪ اهم اها دوست هئي، جيڪا مون کي لڳ ڀڳ اٺن ڏهن سالن کان پوءِ ملي رهي هئي.
پري کان هڪ ٻئي کي ڏٺوسين ۽ سالن جو فاصلو ڄڻ ڪجهه قدمن ۾ ختم ٿي ويو.
تسليم پنهنجي فيملي سان گڏ خاص اسان سان ملڻ آئي هئي. ڪافي دير گڏ ويٺاسين، پراڻيون ڳالهيون نڪتيون، اسڪول جا ڏينهن ياد آيا، وچ وارا سال ياد آيا، کاڌو کاڌوسين. ڪجهه دوستين جي خاص ڳالهه اها هوندي آهي ته اوهان سالن کان پوءِ ملو، پر گفتگو اتان ئي شروع ٿئي ٿي جتان ڪڏهن ڇڏي هجي.
پرديس ۾ ڪنهن پنهنجي ماڻهوءَ سان ملڻ جو احساس به مختلف هوندو آهي. ساڳيا رستا، ساڳيا ماڻهو ۽ ساڳيو ملڪ هوندو آهي، پر اوچتو اجنبيت گهٽجي ويندي آهي.
پرديس ۾ جيڪڏهن ڪو پنهنجو ملي وڃي ته ڪجهه گهڙين لاءِ پرديس به پنهنجو ديس لڳڻ لڳندو آهي.
شام ٿيڻ لڳي ته تسليم ۽ سندس مڙس کان موڪل ورتيسين. Amersfoort واپس وڃڻو هو، پر مون زاهد کي چيو ته سڌو گهر نه هلون، پهرين مرڪزي اسٽيشن وارو علائقو ٿورو ڏسون. هاڻي سفر جا ڏينهن به ڳڻپ جا رهجي ويا هئا، تنهنڪري دل چوندي هئي جيڪو ڏسي سگهجي، ڏسي وٺجي. ڪافي ورتيسين ۽ واپس ٽرين ۾ ويهي رهياسين.
هي واقعو مون کي ياد ناهي ڪڏهن جو آهي پر شئير ڪرڻ جهڙو آهي..
انهن آخري ڏينهن ۾ اسان transport card ۾ به ٿورو ٿورو balance وجهندا هئاسين. سوچ هئي ته هاڻي گهر وڃڻ ۾ ٿورا ڏينهن آهن، وڌيڪ رقم وجهي ڇا ڪنداسين؟
پر هڪ ڏينهن اها بچت مهانگي پئجي سگهي ٿي.
ٽرين ۾ ticket checker آئي. مون پنهنجو card ڏيکاريو. زاهد card اڳتي ڪيو ته اهو ڪم نه ڪيو.
وري ڪوشش ٿي.
نه.
خبر پئي ته balance ختم.
مان هڪدم پريشان ٿي ويس، ڇاڪاڻتہ اسان کي خبر هئي ته صحيح ticket کان سواءِ سفر ڪندي پڪڙجڻ تي جرمانو ٿي سگهي ٿو. Checker ڪجهه دير اسان سان ڳالهائي. شايد کيس اندازو ٿيو ته معاملو ڄاڻي واڻي بغير ticket سفر ڪرڻ جو نه، پر card ۾ balance ختم ٿيڻ جو آهي. هن زاهد کي سمجهايو ته ايندڙ station تي لهي پهرين intercom ذريعي پنهنجي صورتحال ٻڌائي، gate کولرائي ٻاهر وڃي، ticket يا balance جو مسئلو حل ڪري ۽ پوءِ واپس اندر اچي.
زاهد ايندڙ station تي لٿو.
مان ٽرين واري پاسي بيٺي ڏسان.
هن intercom تي ڳالهه ڪئي، ٻئي پاسي ويٺل ڪنهن ماڻهوءَ سندس ڳالهه ٻڌي ۽ gate کلي ويو. زاهد ٻاهر ويو.
هاڻي منهنجي ذهن ۾ نئون مسئلو:
”ٻاهر ته هليو ويو... واپس gate نه کليو ته؟“
ڪجهه دير کان پوءِ gate وري کليو ۽ زاهد واپس نظر آيو ته مون سڪون جو ساهه کنيو.
ان ڏينهن مون کي هڪ ڳالهه ٻيهر محسوس ٿي. سٺو نظام اهو ناهي جنهن ۾ ڪڏهن مسئلو پيدا ئي نه ٿئي؛ سٺو نظام اهو آهي جنهن ۾ مسئلو پيدا ٿئي ته ان مان نڪرڻ جو رستو به موجود هجي.
اسان وري ٽرين ۾ ويٺاسين ۽ Amersfoort ڏانهن روانا ٿي وياسين.
هاڻي يورپ جو سفر پنهنجي آخري ڏينهن ڏانهن وڌي رهيو هو. سوٽ ڪيس وري ڀرجي رهيا هئا، ڌوتل ڪپڙا واپس پنهنجي جاءِ تي اچي رهيا هئا ۽ ذهن ۾ هڪ ئي سوال آهستي آهستي وڏو ٿي رهيو هو:
ايترا ملڪ، ايترا شهر، ايترا ماڻهو ۽ ايتريون يادون گڏ ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ماڻهو واپس گهر وڃي ٿو، ته ڇا اهو ساڳيو ماڻهو هوندو آهي جيڪو سفر جي پهرين ڏينهن گهران نڪتو هو؟