(part-1)يورپ سفرنامو – قسط 2
جرمني کان نيدرلينڊ... هڪ نئين ملڪ ۾ پنهنجن سان ملاقات
جرمني ۾ ڪجهه خوبصورت ڏينهن گذارڻ کان پوءِ، اسان جي سفر جو ايندڙ اسٽيشن هو نيدرلينڊ
صبح سوير پنهنجو سامان کڻي اسين Deutsche Bahn (DB) ٽرين ۾ سوار ٿياسين. يورپ جي ٽرينن جو سفر پنهنجي جاءِ تي هڪ الڳ ئي لطف رکي ٿو. دريءَ کان ٻاهر سائي ميدان، ننڍڙا ڳوٺ، خوبصورت فارم هائوس ۽ هوا سان گڏ ڊوڙندڙ وڻ... ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڪنهن فلم جو منظر هجي.
پر سفر هميشه رڳو خوبصورت لمحن جو نالو ناهي هوندو.
ٽرين اچڻ کان صرف ڪجهه منٽ اڳ اعلان ٿيو ته اسان جي ٽرين جو پليٽفارم تبديل ٿي ويو آهي. هاڻي سڀئي مسافر وڏي جلدي ۾ پنهنجو سامان کڻي ٻئي پليٽفارم ڏانهن ڊوڙي رهيا هئا. اسان به پنهنجا وڏا بيگ کڻي ڏاڪڻيون چڙهندا ۽ لهندا، تيزي سان ٽرين تائين پهتاسين.
ان هڙٻڙ ۾ مون کي بعد ۾ خبر پئي ته منهنجو هڪ شولڊر بيگ گم ٿي ويو آهي.
خوشقسمتيءَ سان منهنجو ننڍڙو ليڊيز بيگ، جنهن ۾ موبائل ۽ منهنجون اهم شيون هيون، اهو مون وٽ ئي هو. ان وقت مان وِلاگ رڪارڊ ڪري رهي هئس، تنهنڪري اهو بيگ مون ڳچيءَ ۾ پائي ڇڏيو هو. جيڪو بيگ رهجي ويو، ان ۾ ڪا تمام قيمتي شيءِ ته نه هئي، پر منهنجو نئون DJI Gimbal ضرور هو، جيڪو خاص هن يورپ جي سفر جون بهترين وڊيوز ٺاهڻ لاءِ خريد ڪيو هئم. هڪ پل لاءِ افسوس ضرور ٿيو، پر پوءِ پاڻ کي سمجهايم ته سامان وري اچي سگهي ٿو، پر سفر جون يادون ٻيهر نٿيون ملن.
آخرڪار جڏهن اسان ايمسٽرڊيم سينٽرل اسٽيشن تي پهتاسين، ته پليٽفارم تي هڪ مرڪندڙ چهرو اسان جي انتظار ۾ بيٺو هو.
اهي هئا اسان جا پيارو دوست صابر جروار، جيڪي نه رڳو زاهد جا پراڻا دوست آهن، پر منهنجا به آفيس ڪوليگ آهن.
اُهو ڏينهن ورڪنگ ڊي هو، ۽ صابر پنهنجي آفيس ۾ مصروف هئا. تنهن هوندي به هو سڄي ڏينهن زاهد سان رابطي ۾ رهيا، جيئن کين اسان جي ٽرين جي وقت ۽ پهچڻ جي هر خبر هجي.
جيئن ئي اسان ايمسٽرڊيم سينٽرل اسٽيشن تي پهتاسين، تيئن ئي سندن آفيس جو وقت به پورو ٿيو. هو بنا دير جي سڌو آفيس مان اسٽيشن تي اسان کي وٺڻ لاءِ پهچي ويا.
پرديس ۾، پنهنجي مصروفيتن هوندي به ڪو ماڻهو وقت ڪڍي صرف توهان جي استقبال لاءِ اچي، ته اها ڳالهه دل کي ڇُهي ويندي آهي. سندن اها محبت، خلوص ۽ پنهنجائپ اسان لاءِ نيدرلينڊ جي سڀ کان خوبصورت يادگيرين مان هڪ بڻجي وئي. صابر کي ڏسي ائين محسوس ٿيو ڄڻ اسين ڪنهن اجنبي ملڪ ۾ نه، پر پنهنجي ئي شهر ۾ اچي پهتا هجون. ان لمحي نيدرلينڊ اسان لاءِ پرڏيهه نه رهيو، پر پنهنجو لڳڻ لڳو.
اسٽيشن تان هو اسان کي پنهنجي گهر وٺي ويا. سفر جون ڳالهيون، پراڻيون يادون، کل ڀوڳ ۽ هڪ ڪپ چانهه... اهي سڀ شيون ڪنهن به هوٽل کان وڌيڪ قيمتي هونديون آهن، ڇاڪاڻتہ اهي انسان کي پنهنجائپ جو احساس ڏيارينديون آهن.
هي ته نيدرلينڊ ۾ اسان جي سفر جي صرف شروعات هئي...
ايندڙ قسطن ۾ مان توهان کي ايمسٽرڊيم جا خوبصورت ڪينال، ونڊ ملز، سائيڪل ڪلچر، هتان جي ماڻهن جي زندگي، ۽ اهي سڀ جايون ڏيکارينديس، جن نيدرلينڊ کي دنيا جي سڀ کان منفرد ملڪن مان هڪ بڻايو آهي.
سفر جاري آهي... گڏ رهجو.
نيدرلينڊ ۾ اسان جو وقت واقعي تمام يادگار رهيو. صابر جروار اسان لاءِ پنهنجين مصروفيتن مان وقت ڪڍيو ۽ ڪوشش ڪئي ته اسان جي رهائش جو هر پل خوشگوار بڻجي.
هو اسان کي پنهنجي گهر وٺي ويا، جتي ڪجهه دير آرام ڪرڻ کان پوءِ گڏجي ويٺاسين، سفر جون ڳالهيون ڪيون، پراڻيون يادون تازيون ڪيون ۽ ايندڙ سفر بابت به خيال ونڊياسين.
ان کان پوءِ هو اسان کي پنهنجي گهر جي ويجهو موجود مقامي مارڪيٽ گهمائڻ وٺي ويا، جتي اسان نيدرلينڊ جي روزمره جي زندگي کي ويجهو کان ڏٺو. صاف سٿرا رستا، منظم دڪان، سائيڪلن تي ايندڙ ويندڙ ماڻهو ۽ پرامن ماحول، هر شيءِ دل کي وڻي رهي هئي.
شام جو اسين گهر جي ويجهو موجود هڪ انتهائي خوبصورت ڍنڍ تي وياسين. ڍنڍ جي ڪناري تي ڪافي دير ويٺاسين، ٿڌڙي هوا جو مزو ورتوسين، آسپاس چڪر لڳايو ۽ فطرت جي خاموش حسن کي محسوس ڪيو. اهو لمحو اسان جي سڄي يورپ جي سفر جي سڀ کان پرامن ۽ سڪون ڀرين لمحن مان هڪ هو.
اتي ويهي ويهي اسان پنهنجي ايندڙ سفر جي رٿابندي به ڪئي. فيصلو ٿيو ته هتان کان اڳتي بيلجيم، پيرس (فرانس)، لگزمبرگ ۽ پوءِ سوئٽزرلينڊ جو سفر جاري رکبو.
سفر صرف نيون جايون ڏسڻ جو نالو ناهي هوندو، پر انهن ماڻهن سان گڏ گذاريل وقت به ياد رهندو آهي، جيڪي پرديس ۾ به توهان کي پنهنجائپ جو احساس ڏياريندا آهن. نيدرلينڊ ۾ صابر جروار صاحب سان گذاريل اهي پل اسان لاءِ هميشه هڪ خوبصورت ياد بڻيل رهندا.