05 سيپٽمبر 2024 · سفري ڪهاڻيون

يورپ سفرنامو — آخري قسط

نيدرلينڊز

سفر ختم ٿيو، پر اندر ڪجهه بدلجي چڪو هو... Amersfort کان واپسي، Istanbul layover، ۽ يورپ جي ڇهن ملڪن جون يادون.

يورپ سفرنامو — آخري قسط
سفر ختم ٿيو، پر اندر ڪجهه بدلجي چڪو هو...
يورپ جي سفر جا آخري ڏينهن اسان Amersfort ۾ صابر وٽ گذاري رهيا هئاسين. هاڻي اها پهرين ڏينهن واري بيچيني نه رهي هئي ته ڪهڙي ٽرين وٺڻي آهي، ڪهڙي پليٽفارم تي وڃڻو آهي يا ٽڪيٽ ڪيئن وٺڻي آهي. ڪجهه هفتا اڳ جيڪي شيون اسان لاءِ نيون هيون، اهي هاڻي روزاني زندگيءَ جو حصو بڻجي ويون هيون. شايد سفر جي خوبصورتي به اها آهي ته اجنبي رستا آهستي آهستي سڃاتل لڳن ٿا.
گهر موٽڻ جا ڏينهن ويجهو اچي رهيا هئا، تنهنڪري هاڻي گهمڻ کان وڌيڪ ننڍا ننڍا رهيل ڪم ياد اچي رهيا هئا. ڪجهه اليڪٽرانڪس جون شيون وٺڻيون هيون، جن لاءِ Amersfort کان ٿورو پري وڃڻو پيو. وري ٽرين ورتيسين، دڪانن واري علائقي تائين پهتاسين ۽ پنهنجي ضرورت جون شيون ورتيونسين. هاڻي ٽرين ۾ ويهندي مون کي اهو احساس ئي نه ٿيندو هو ته ڪنهن ٻئي ملڪ جي پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪري رهي آهيان. فون ۾ رستو ڏسو، پليٽفارم ڳوليو، ٽرين ۾ ويهو ۽ منزل تي لهي وڃو. شروع ۾ جنهن نظام کي حيرت سان ڏٺو هئوسين، هاڻي پاڻ به ان جو حصو بڻجي ويا هئاسين.
آخري ڏينهن ۾ سوٽ ڪيس ٻيهر کوليا ويا. ڌوتل ڪپڙا، سفر دوران ورتل ننڍيون وڏيون شيون ۽ يادگارون سڀ ترتيب سان رکڻ لڳاسين. هر شيءِ سان ڪو نه ڪو شهر ڳنڍيل هو. ڪنهن شيءِ سان جرمني ياد اچي، ڪنهن سان بيلجيم، ڪنهن سان پيرس، ته ڪنهن کي هٿ ۾ کڻندي سوئزرلينڊ سامهون اچي وڃي. سفر جي شروعات ۾ سوٽ ڪيسن ۾ رڳو ڪپڙا هئا؛ واپسيءَ وقت انهن ئي سوٽ ڪيسن ۾ ڪپڙن سان گڏ ڪهاڻيون به ڀرجي ويون هيون.
صابر جي گهر ۾ آخري رات به عجيب هئي. اهو گهر، جيڪو پهريون ڀيرو هالينڊ پهچڻ وقت اسان لاءِ هڪ دوست جو گهر هو، هاڻي يورپ جي هن ڊگهي سفر ۾ ڄڻ اسان جو عارضي گهر بڻجي ويو هو. هتان سامان ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن نڪتاسين، وري واپس آياسين، ڪپڙا ڌوتاسين، آرام ڪيوسين ۽ هاڻي هتان ئي گهر موٽڻو هو. صابر جي اها هڪ صلاح ته ”سڄو سامان پاڻ سان نه کڻو“ اسان کي ڪيترن ئي شهرن ۾ وڏي تڪليف کان بچائي وئي هئي. ڪي ماڻهو سفر ۾ اوهان سان گڏ نٿا هلن، پر سندن هڪ سٺي صلاح به اوهان جي اڌ سفر کي آسان ڪري ڇڏي ٿي.
آخرڪار روانگيءَ جو ڏينهن اچي ويو.
هاڻي نه ڪنهن نئين ملڪ ڏانهن وڃڻ جو پروگرام هو، نه ڪنهن نئين هوٽل جي booking. هن ڀيري منزل گهر هئي.
ايئرپورٽ پهچي check-in ۽ ٻيون ضروري ڪارروايون مڪمل ڪرڻ لڳاسين. اتي اسان کي زوريخ ۾ cancel ٿيل فلائيٽ وارو معاملو به ياد آيو. ان وقت اسان کي ٻڌايو ويو هو ته پنهنجي خرچ تي هوٽل وٺو ۽ پوءِ رقم واپس ملڻ لاءِ گهربل فارم ۽ دستاويز جمع ڪرايو. اسان به ڏنل طريقي موجب ڪاغذ ڀريا ۽ جيڪي ثبوت گهربل هئا، اهي ڏنا.
پر سفر ختم ٿي ويو، سال گذري ويا ۽ اها رقم وري اسان تائين نه پهتي.
شايد هر سفر ۾ ڪجهه شيون اهڙيون به ٿينديون آهن، جن جو انجام اوهان جي رٿابندي مطابق نه ٿيندو آهي. ڪڏهن ٽرين رهجي ويندي آهي، ڪڏهن موسم رستو بدلائي ڇڏيندي آهي، ڪڏهن اڳواٽ ورتل ticket ڪم اچي ويندي آهي ۽ ڪڏهن reimbursement جو انتظار، انتظار ئي رهجي ويندو آهي. سفر اوهان کي آهستي آهستي سيکاري ٿو ته هر شيءِ تي اوهان جو اختيار ناهي.
اسان جو واپسيءَ وارو سفر ترڪيءَ رستي هو ۽ جڏهن Istanbul Airport پهتاسين ته وري هڪ مختلف دنيا سامهون هئي. ايئرپورٽ ايترو وڏو جو پاڻ ۾ ئي ڪنهن شهر جهڙو محسوس ٿئي. هلندي هلندي منهنجي نظر ننڍڙن، الڳ الڳ آرام ڪرڻ وارن ڪيبنن تي پئي. پهرين ته مون کي اهي ننڍڙا ڪمرا لڳا، پوءِ خبر پئي ته اهي مسافرن لاءِ iGA Sleepod آهن خاص ڪري انهن ماڻهن لاءِ، جن جو ايندڙ جهاز ڪيترن ڪلاڪن کان پوءِ هجي ۽ جيڪي ايئرپورٽ ڇڏڻ کان سواءِ ڪجهه وقت آرام ڪرڻ چاهين. اهي بين الاقوامي departures جي airside حصي ۾ Gates D ڏانهن ويندڙ lifts ڀرسان موجود آهن ۽ 24 ڪلاڪ استعمال ڪري سگهجن ٿا. اڄ انهن جا اگهه وقت مطابق بدلجن ٿا ۽ تقريباً €17.50 کان €30 في ڪلاڪ تائين آهن؛ ڪمبل ۽ تکيو الڳ comfort kit طور به ملي سگهي ٿو.
ايئرپورٽ تي lounges ۽ nap/rest جون ٻيون سهولتون به آهن. iGA International Lounge ۾ nap zone، shower، Wi-Fi، کاڌو ۽ ٻيون سهولتون موجود آهن، تنهنڪري ڊگهي layover وارن مسافرن لاءِ رڳو ڪرسيءَ تي ويهي ڪلاڪ ڳڻڻ ئي واحد رستو ناهي.
اسان جو layover ايترو ڊگهو نه هو، تنهنڪري اسان کي Sleepod يا ڪمرو وٺڻ جي ضرورت نه پئي. پر انهن کي ڏسي مون سوچيو ته سفر ۾ اهڙي معلومات ڪيتري ڪم جي آهي. جڏهن اوهان ڪيترن ڪلاڪن جي flight کان پوءِ ٿڪل هجو ۽ اڳيان وري ڊگهو انتظار هجي، تڏهن ايئرپورٽ اندر هڪ ڪلاڪ جي ننڊ به ڪنهن luxury کان گهٽ محسوس نه ٿيندي.
اتي ويٺي مون کي پنهنجي سڄي سفر جا ڏينهن هڪ هڪ ڪري ياد اچڻ لڳا.
جرمني ۾ Frankfurt کان Cologne جي پهرين ٽرين، پليٽفارم بدلجڻ وقت سامان کڻي ڊوڙڻ، گم ٿيل gimbal، Cologne جون گهٽيون، Phantasialand؛ پوءِ هالينڊ ۾ صابر جي پنهنجائپ، Amsterdam جا واهه ۽ پن چڪيون؛ بيلجيم جي گرمي، Mini-Europe ۽ Atomium؛ پيرس جي برسات ۽ Eiffel Tower، ۽ اها بس جنهن مان زاهد لهي ويو ۽ مان اندر رهجي ويس؛ لگزمبرگ جا خاموش رستا ۽ سامان سان غلط اسٽاپ تي لهڻ؛ پوءِ سوئزرلينڊ—لوزرن، ٽِٽلس، انٽرلاڪن، رائن فال، زوريخ ۽ اهي ٽرينون، جن مان لهڻ لاءِ دل ئي نه چوندي هئي.
جڏهن گهران نڪتا هئاسين ته اهي سڀ رڳو نقشي تي نالا هئا.
هاڻي هر نالي سان هڪ چهرو، هڪ رستو، هڪ ڳالهه، ڪا کل، ڪا پريشاني ۽ ڪا ياد ڳنڍيل هئي.
هن سفر مون کي هڪ ٻي ڳالهه به سيکاري ته سٺو سفر اهو ناهي جنهن ۾ ڪا غلطي نه ٿئي. اسان کان به غلطيون ٿيون. ڪٿي وقت غلط اندازو لڳايوسين، ڪٿي ٽڪيٽ اڳواٽ نه ورتي، ڪٿي غلط اسٽاپ تي لٿاسين، ڪٿي سامان پريشان ڪيو، ڪٿي موسم سڄو پروگرام بدلائي ڇڏيو. ورهيا سين به جام پر شايد اهي ئي واقعا آهن جيڪي اڄ سفرنامو لکندي سڀ کان وڌيڪ ياد اچن ٿا. جيڪڏهن هر شيءِ بلڪل رٿابندي مطابق هلي ها ته شايد اسان وٽ تصويرون ته گهڻيون هجن ها، ڪهاڻيون ايتريون نه هجن ها.
۽ هڪ ڳالهه جيڪا مان خاص ڪري انهن ماڻهن سان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿي، جيڪي سفر ڪرڻ چاهين ٿا پر هر ڀيري سوچين ٿا ته ”ڪڏهن موقعو ملندو؟“
هر سفر لاءِ وڏي بجيٽ، تمام گهڻا ڏينهن يا مڪمل حالتون ضروري ناهن. پنهنجي وس آهر شروعات ڪريو. اڳواٽ تحقيق ڪريو، ٽڪيٽون ۽ رهائش سوچي سمجهي وٺو، هلڪو سامان کڻو، مقامي ٽرانسپورٽ سمجهو، ۽ سڀ کان اهم پنهنجي اندر نئين شيءِ ڏسڻ ۽ سکڻ جي جاءِ رکو. سفر رڳو ملڪ ڳڻڻ جو نالو ناهي. جيڪڏهن ڏهه ملڪ ڏسي به اوهان انهن جي ماڻهن، زندگي ۽ ماحول کي محسوس نه ڪيو ته شايد اوهان رڳو جڳهيون بدلائيندا رهيا. ۽ جيڪڏهن هڪ ئي شهر ۾ ويهي اتان جي ماڻهن کي ڏٺو، سندن روزمره کي سمجهيو ۽ پاڻ بابت ڪا نئين ڳالهه سکي، ته اهو به هڪ مڪمل سفر ٿي سگهي ٿو.
مون هن سفر ۾ اهو به سکيو ته ٿڪجڻ تي بيهڻ ۾ ڪو نقصان ناهي. ان ڪري ئي اٽلي نه وياسين. ان وقت وڌيڪ هڪ ملڪ پنهنجي فهرست ۾ شامل ڪري سگهجي پيو، پر اسان وٽ ان کي محسوس ڪرڻ جي توانائي نه هئي. هاڻي مون کي خوشي آهي ته اٽلي کي رڳو هڪ tick mark نه بڻايوسين. ڪجهه جايون ايندڙ سفر لاءِ ڇڏڻ به سفر جو حصو آهي.
يورپ جي هن سفر ۾ اسان ڇهه ملڪ ڏٺا، پر جڏهن واپس موٽي رهي هيس ته مون کي ملڪن جي تعداد کان وڌيڪ اهي ننڍڙا لمحا اهم لڳا، جيڪي ڪنهن itinerary تي لکيل ئي نه هئا: ڪنهن اجنبيءَ جو رستو ٻڌائڻ، ڪنهن دوست جو گهر جي چاٻي هٿ ۾ ڏيڻ، ٽرين جي دريءَ مان خاموشيءَ سان ٻاهر ڏسڻ، ڪنهن خوبصورت منظر اڳيان بيهي الله جو شڪر ڪرڻ، ۽ ڪڏهن ڪنهن اڻڄاتل شهر ۾ پاڻ ئي پنهنجو رستو ڳولي منزل تائين پهچڻ.
شايد سفر انسان کي دنيا کان اڳ پنهنجي پاڻ سان متعارف ڪرائيندو آهي.
جهاز جي انتظار ۾ ويٺي مون سوچيو ته جڏهن گهر پهچنديس ته ساڳي گلشن هونديس، جيڪا ڪجهه هفتا اڳ گهران نڪتي هئي پر شايد مڪمل طور ساڳي نه.
ڇو ته ڪجهه سفر ختم ٿيڻ کان پوءِ به ختم ناهن ٿيندا.
اوهان گهر واپس اچي ويندا آهيو، سوٽ ڪيس خالي ڪري ڇڏيندا آهيو، ڪپڙا الماريءَ ۾ واپس هليا ويندا آهن، تصويرون فون ۾ رهجي وينديون آهن، پر رستن جو ٿورو حصو اوهان جي اندر رهجي ويندو آهي.
يورپ جو هي سفر به منهنجي لاءِ ائين ئي ختم ٿيو جهاز منزل تي پهتو، پر سفر منهنجي اندر اڃا تائين جاري آهي.
ختم شد يورپ سفرنامو

هن سفر جون تصويرون