26 آگسٽ 2024 · سفري ڪهاڻيون

يورپ سفرنامو – قسط 3: سوئزرلينڊ

سوئٽزرلينڊ

لوزرن ۾ بند دروازو، پاڻمرادو داخلا ۽ ڍنڍ ڪناري پهرين شام. زيورخ کان پوءِ لوسرن ۽ Lake Lucerne سان پهريون تعارف.

يورپ سفرنامو — سوئزرلينڊ
قسط 3: لوزرن ۾ بند دروازو، پاڻمرادو داخلا ۽ ڍنڍ ڪناري پهرين شام
زيورخ ۾ هڪ رات گذارڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن اسان جي منزل هئي لوسرن. هتي اسان ٽن ڏينهن لاءِ هوٽل بُڪ ڪيو هو. سوچيوسين ته هاڻي بار بار سامان کڻڻ کان جان ڇٽندي، هڪ هنڌ آرام سان رهي لوزرن ۽ آس پاس جون جايون گهمنداسين.
پر لوزرن پهچندي ئي هوٽل اسان لاءِ پهريون سوال تيار ڪري رکيو هو:
”هوٽل ته بُڪ آهي... پر هوٽل آهي ڪٿي؟“
نقشي ۾ جاءِ بلڪل اها ئي ڏيکاري رهي هئي، جتي اسان بيٺا هئاسين، پر سامهون اهڙو ڪو صاف سائن يا داخلا نظر نه پئي آئي، جنهن مان سمجهه ۾ اچي ته هي اسان جو هوٽل آهي.
بيگ ساڻ، نئون شهر، ۽ وري ساڳيو نقشو اڳيان پويان ڏسڻ!
زاهد ٿڪجي چيو:
”يار، هي ڇا آهي؟ مان ته ٿڪجي پيو آهيان!“
مون چيو:
”توهان هتي بيهو، مان ڏسان ٿي.“
سفر ۾ اسان وٽ ڄڻ ڪم ورهايل هئا—زاهد جو ڪم هو ڪجهه دير کان پوءِ چوڻ ته ”بس هاڻي نه ٿو ٿئي“، ۽ منهنجو ڪم هو پوءِ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان رستو ڳولڻ!
ايتري ۾ هڪ رائيڊر اتان گذرندي نظر آيو. مون سوچيو، هي به هليو ويو ته وري ڪنهن کي ڳولينداسين؟ فوراً کيس روڪي پڇيم:
“Can you please guide us?”
هن جنهن عمارت ڏانهن اشارو ڪيو، اها ته بلڪل اسان جي ڀرسان هئي!
اسان هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو.
نقشو غلط نه هو... اسان جون اکيون غلط هنڌ ڳولي رهيون هيون!
هوٽل مليو، پر دروازو بند!
هاڻي خوش ٿي عمارت وٽ پهتاسين ته اڳيان بند دروازو.
نه استقبال تي ڪو ماڻهو، نه ڪو ملازم، نه وري ڪو اهڙو شخص جنهن کي چئون ته اسان وٽ ٽن ڏينهن جي بُڪنگ آهي، مهرباني ڪري اندر اچڻ ڏيو.
اسان کي خبر هئي ته هي پاڻمرادو داخلا وارو هوٽل آهي، پر شايد ذهن ۾ اهو تصور هو ته پاڻمرادو داخلا جو عمل اندر وڃي ڪرڻو پوندو.
هتي ته پهريون امتحان ئي اهو هو:
اندر وڃون ڪيئن؟
پوءِ بُڪنگ جا تفصيل ۽ اي ميلون ٻيهر ڏٺيونسين ۽ هوٽل سان رابطو ڪيوسين. اتان اسان کي عمارت جي ٻاهرئين دروازي لاءِ داخلا جو ڳجهو انگ مليو.
انگ داخل ڪيوسين...
۽ دروازو کلي ويو.
ان لمحي بند دروازو کلڻ جي خوشي به ڪنهن سياحتي ماڳ تي پهچڻ کان گهٽ نه هئي!
اندر استقبال ڪندڙ ماڻهو نه، مشين هئي
اندر پهتاسين ته روايتي هوٽل وارو منظر ئي نه هو.
نه ڪو چوندو، ”Welcome“، نه پاسپورٽ وٺڻ لاءِ ڪو ماڻهو.
سامهون هڪ پاڻمرادو داخلا واري مشين بيٺي هئي.
اهڙي قسم جي هوٽلن ۾ عام طور بُڪنگ جا تفصيل مشين تي داخل يا تصديق ڪرڻا پوندا آهن. اسان به پنهنجي بُڪنگ ڳولي، نالو ۽ گهربل سڃاڻپ جا تفصيل ڀريا ۽ مشين جي هدايتن مطابق عمل مڪمل ڪيو.
پهريان زاهد پنهنجو عمل مڪمل ڪيو ته سندس ڪارڊ نڪري آيو. پوءِ منهنجا تفصيل داخل ڪيا ويا ۽ منهنجو ڪارڊ به اچي ويو. گڏوگڏ اسان کي ڪمري جو نمبر به ملي ويو.
بس، هاڻي سرڪاري طور هوٽل اسان جو ۽ ڪمرو به اسان جو!
اهو تجربو اسان لاءِ نئون هو. پهريون ڀيرو محسوس ٿيو ته هوٽل ۾ رهڻ لاءِ ضروري ناهي ته سامهون ڪو ماڻهو ويٺو هجي؛ ٽيڪنالاجي پاڻ ئي استقبال کان وٺي ڪمري جي چاٻي تائين سڄو ڪم ڪري سگهي ٿي.
ننڍڙي لفٽ ۽ حيرت انگيز خاموشي
ڪارڊ کڻي لفٽ ڏانهن وياسين.
لفٽ ڏٺيسين ته وري کل نڪري وئي ايتري ننڍڙي، جو ٻن ماڻهن سان گڏ بيگ به اندر اچن ته ڄڻ لفٽ کي به سوچڻو پوي:
”اوهان سڀني کي واقعي هڪ ئي چڪر ۾ وڃڻو آهي؟“
خير، پاڻ ۽ بيگ ڪنهن نه ڪنهن نموني اندر آياسين ۽ پنهنجي ماڙ تي پهتاسين.
مٿي ڊگهو لنگهه ۽ ٻنهي پاسن کان ڪيترائي ڪمرا هئا، پر ماحول ۾ عجيب خاموشي.
ڪمرا بُڪ ٿيل هئا، ماڻهو به ضرور رهندا هوندا، پر نه ڪو شور، نه وڏا آواز، نه دروازن اڳيان رش.
ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سڄو هوٽل سرگوشين ۾ هلي رهيو هجي.
آخرڪار پنهنجو ڪمرو ڳولي ڪارڊ لڳايوسين...
۽ بس! لوسرن ۾ ٽن ڏينهن لاءِ پنهنجي جاءِ ملي وئي.
سامان رکيوسين، ٿورو آرام ڪيو، تازا ٿياسين، پر هاڻي ڪمري ۾ ويهي رهڻ جو سوال ئي پيدا نه پئي ٿيو.
ٻاهر لوسرن اسان جو انتظار ڪري رهيو هو.
۽ پوءِ پهرين ملاقات Lake Lucerne
هوٽل مان نڪري شهر ڏانهن وياسين ۽ پوءِ جڏهن Lake Lucerne جي ڪناري پهتاسين ته سفر جو سمورو موڊ ئي بدلجي ويو.
سامهون ڍنڍ جو صاف پاڻي، پري جبلن جون قطارون، ڪناري سان هلندڙ ماڻهو ۽ پاڻيءَ تي هلندڙ ٻيڙيون ۽ چوڌاري لوسرن جون خوبصورت پراڻيون عمارتون.
ڍنڍ ۽ شهر ڄڻ هڪ ٻئي لاءِ ئي ٺاهيا ويا هجن.
ڪناري تي ڪو آرام سان ويٺو هو، ڪو پنڌ ڪري رهيو هو، ڪو تصويرون ڪڍي رهيو هو، ته ڪو رڳو سامهون پاڻي ۽ جبلن کي ڏسي رهيو هو.
۽ مان؟
منهنجي لاءِ ته اهڙي جاءِ تي پهچڻ جو مطلب صاف هو:
”زاهد، پهرين تصوير ڪڍو!“
ڪڏهن ڍنڍ پسمنظر ۾، ڪڏهن عمارتون، ڪڏهن جبل ۽ وچ وچ ۾ موبائل هيٺ ڪري رڳو اکين سان منظر ڏسڻ.
ڇو ته ڪجهه منظرن سان هڪ مسئلو هوندو آهي:
تصوير ڪيتري به سٺي نڪري، جيڪا خوبصورتي اک سامهون محسوس ٿئي ٿي، اها مڪمل طور ڪئميرا ۾ نٿي اچي.
Lake Lucerne جي ڪناري بيهي مون کي پهريون ڀيرو صحيح معنيٰ ۾ اهو احساس ٿيو ته:
ها... هاڻي اسان واقعي سوئزرلينڊ ۾ آهيون.
پر لوسرن ته اڃا شروع ٿيو هو.
ڍنڍ کان اڳتي هن شهر جي سڀ کان مشهور سڃاڻپن مان هڪ اسان جو انتظار ڪري رهي هئي پاڻيءَ مٿان ٺهيل اها تاريخي ڪاٺ جي پل، جنهن جون تصويرون شايد لوسرن وڃڻ کان اڳ ئي اوهان ڪيترائي ڀيرا ڏٺيون هونديون.
Kapellbrücke — Chapel Bridge.
ان پل، لوسرن جي پراڻي شهر ۽ ايندڙ ڏينهن جي اسان جي اصل گهمڻ جي ڪهاڻي... ايندڙ قسط ۾.

هن سفر جون تصويرون