يورپ سفرنامو — سوئزرلينڊ
لوزرن کان موڪل، زوريخ جا لاڪر ۽ رائن فال جو يادگار سفر
لوزرن ۾ اها اسان جي آخري رات هئي. هاڻي سوئزرلينڊ ۾ به اسان جا گهڻا ڏينهن نه بچيا هئا. ٻئي ڏينهن زوريخ وڃڻو هو، اتي هڪ رات رهڻو هو ۽ ان کان پوءِ هالينڊ لاءِ اسان جي فلائيٽ هئي. ان ڪري رات جو ئي سامان ٻڌي ڇڏيو هئوسين ته صبح جو سوٽ ڪيسن سان ويهي وقت نه وڃايون. سفر دوران مون سکيو هو ته روانگيءَ واري ڏينهن جيترو ڪم رات جو ڪري ڇڏجي، اوترو صبح سڪون سان نڪري سگهجي ٿو. صبح اٿي تيار ٿياسين ۽ ناشتي لاءِ هيٺ وياسين. اسان جو ناشتو به هاڻي تقريباً مقرر ٿي ويو هو، هڪ سادو ڪروسان ۽ ڪافي جو ڪپ. مسلسل سفر ۾ اسان ناشتي تي گهڻو وقت خرچ ڪرڻ بدران جلدي ڪجهه کائي نڪري پوندا هئاسين، ڇو ته هر ڏينهن اسان لاءِ نئين جاءِ ۽ نئين تجربي جو انتظار هوندو هو.
اڄ لوزرن کي خدا حافظ چوڻو هو. هوٽل کان ريلوي اسٽيشن لڳ ڀڳ ڏهن منٽن جي پنڌ تي هئي. عام حالتن ۾ ڏهه منٽ ڪجهه به ناهن، پر جڏهن پاڻ سان وڏا سوٽ ڪيس هجن ته ساڳيو پنڌ به ڏکيو لڳندو آهي. يورپ جي سفر ۾ مون هڪ ٻي ڳالهه به چڱيءَ طرح سکي ته اوهان ڀلي بس، ٽرام ۽ ٽرين ۾ ڪيترو به سفر ڪريو، پنڌ کان بچي نٿا سگهو. سو سامان کڻي اسٽيشن تائين هلڻ بدران اسان بس وٺڻ جو فيصلو ڪيو. بس اسٽاپ تي اچي بيٺاسين ۽ پنهنجي بس جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. يورپ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي وقت جي پابندي مون کي بار بار متاثر ڪيو. بس هجي يا ٽرين، ماڻهو پنهنجي وقت مطابق اچي بيهن ٿا ۽ گاڏي به گهڻو ڪري مقرر وقت تي اچي وڃي ٿي. اسان جي بس آئي ته سامان سنڀالي چڙهي وياسين ۽ ٿوري دير ۾ اسٽيشن پهچي وياسين.
اسٽيشن تي پهچي وري پليٽفارم ڳولڻ شروع ڪيوسين. سفر جي شروعاتي ڏينهن ۾ وڏيون يورپي ريلوي اسٽيشنون مون کي ڪنهن معمّي وانگر لڳنديون هيون. ڪٿي هيٺ وڃڻو آهي، ڪٿي مٿي، ڪهڙي پليٽفارم تان ٽرين ملندي ۽ ڪهڙو بورڊ ڏسڻو آهي، پر هاڻي آهستي آهستي انهن سڀني شين جي عادت پئجي وئي هئي. سفر انسان کي رڳو نيون جايون نٿو ڏيکاري، پر پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ به سيکاري ٿو. اسان جون ٽڪيٽون اڳواٽ بڪ ٿيل هيون، تنهنڪري پليٽفارم ڳولي ٽرين ۾ وڃي ويٺاسين ۽ زوريخ ڏانهن سفر شروع ٿي ويو.
سوئزرلينڊ ۾ ٽرين جو سفر منهنجي لاءِ رڳو هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين پهچڻ جو ذريعو نه رهيو هو. ٽرين جيئن اڳتي وڌندي هئي، دريءَ کان ٻاهر منظر به بدلجندا ويندا هئا. ڪٿي جبل، ڪٿي ڍنڍ، ڪٿي سائي ميدان ۽ ڪٿي ننڍڙا خوبصورت گهر. ڪڏهن دل چوندي هئي ته هيءَ ٽرين بس هلندي رهي ۽ اسان کي ڪٿي لهڻو ئي نه پوي. مان ۽ زاهد لوزرن ۾ گذاريل ڏينهن جون ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين. ڪڏهن ٽِٽلس جي سخت سردي ياد ڪري کلون، ڪڏهن ڪيبل ڪار جو ذڪر ڪريون، ته ڪڏهن انهن خوبصورت منظرن کي ياد ڪريون، جيڪي شايد زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه وسرن. مون زاهد کي چيو ته سوئس ٽرينن ۾ سفر ڪرڻ کان پوءِ ته دل ئي نٿي چوي ته ٽرين مان لهجي. شايد ڪجهه سفر اهڙا هوندا آهن، جن ۾ منزل تي پهچڻ جي خوشيءَ کان وڌيڪ رستي جي ختم ٿيڻ جو افسوس ٿيندو آهي.
ڳالهين ڳالهين ۾ زوريخ اچي ويو ۽ ان وقت منجهند ٿي چڪي هئي. اسان زوريخ ۾ رڳو هڪ رات لاءِ Radisson هوٽل بڪ ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته ٻئي ڏينهن هالينڊ لاءِ فلائيٽ هئي. زاهد چيو ته پهرين هوٽل هلون، سامان رکون ۽ پوءِ گهمڻ نڪرون. مون وقت ڏٺو ۽ سوچيو ته جيڪڏهن هاڻي هوٽل وياسين، چيڪ اِن ڪيوسين، سامان رکيوسين ۽ وري واپس شهر طرف آياسين ته ڏينهن جو چڱو خاصو حصو اتي ئي هليو ويندو. مون زاهد کي چيو ته ڇو نه سامان اسٽيشن جي لاڪرن ۾ رکي سڌو گهمڻ نڪري وڃون ۽ شام جو واپس اچي سامان کڻي هوٽل هلون. ڳالهه کيس به ٺيڪ لڳي ۽ اسان لاڪر ڳولڻ شروع ڪيا.
اسٽيشن تي لڳل نشانين کي ڏسندا آخرڪار لاڪرن واري جاءِ تي پهتاسين، پر اتي پهچي خبر پئي ته اسان کان اڳ ڪيترن ئي سياحن کي ساڳيو خيال اچي چڪو هو. لاڪر ته گهڻا هئا، پر خالي هڪ به نظر نه پئي آيو. اسان وانگر ٻيا مسافر به پنهنجن سوٽ ڪيسن سان انتظار ڪري رهيا هئا ته ڪو ماڻهو واپس اچي پنهنجو سامان ڪڍي ته لاڪر خالي ٿئي. ڪجهه دير بيهڻ کان پوءِ مون زاهد کي چيو ته جيڪڏهن پاڻ ٻئي هڪ ئي جاءِ تي بيٺا رهياسين ته شايد لاڪر نه ملي، تنهنڪري اوهان هڪ طرف بيهو ۽ مان ٻي طرف ٿي بيهان ٿي، جنهن کي پهرين خالي لاڪر ملي، اهو ٻئي کي اشارو ڪري. پوءِ ڄڻ اسان ٻنهي جي ننڍڙي ڊيوٽي لڳي وئي. اکيون لاڪرن تي هيون ۽ وچ وچ ۾ هڪ ٻئي ڏانهن به ڏسون پيا.
ٿوري دير کان پوءِ منهنجي سامهون هڪ مسافر اچي پنهنجي لاڪر مان سامان ڪڍڻ لڳو. مون دل ۾ چيو، ”بس، هاڻي هي لاڪر وڃڻ نه ڏبو!“ جيئن ئي هن سامان ڪڍيو، مون لاڪر سنڀالي ورتو ۽ پري کان زاهد کي اشارو ڪيم ته جلدي هيڏانهن اچو. منهنجي ترڪيب ڪم ڪري وئي. اسان پنهنجا سوٽ ڪيس اندر رکيا، لاڪر بند ڪيو ۽ سڪون جو ساهه کنيو. هاڻي سامان جو بار لهي چڪو هو ۽ اسان آرام سان گهمي سگهياسين. البته شام جو جڏهن واپس آياسين ته خبر پئي ته مقرر وقت کان وڌيڪ دير ٿي وئي هئي ۽ لاڪر کولڻ لاءِ اضافي رقم به ڏيڻي پئي. پر سفر ۾ وقت جو اندازو ڪڏهن ڪڏهن اهڙي طرح ئي ختم ٿي ويندو آهي، خاص ڪري جڏهن سامهون ڏسڻ لاءِ ڪا خوبصورت جاءِ هجي.
اسٽيشن واري علائقي مان گذرندي منهنجي نظر Sephora تي پئي ته اندر هلي ويس. مسلسل سفر ۾ صبح کان شام تائين گهمڻ سبب ميڪ اپ ڪرڻ جو نه وقت هوندو هو ۽ نه ئي گهڻي ضرورت محسوس ٿيندي هئي. اتي مون هڪ گهري رنگ واري لپ اسٽڪ آزمائي، جيڪا مون کي ايتري وڻي جو وٺي ڇڏيم. مون پاڻ کي آئيني ۾ ڏسي چيو ته اڄ هيءَ ئي ڪافي آهي، ايترو گهرو رنگ آهي جو وڌيڪ ميڪ اپ جي ضرورت ئي ناهي. هاڻي جڏهن ان ڏينهن جون تصويرون ڏسان ٿي ته ان لپ اسٽڪ جو رنگ به مون کي سڄو ڏينهن ياد ڏياري ڇڏي ٿو. سفر جون يادگيريون به عجيب هونديون آهن؛ ڪڏهن ڪو جبل ياد رهجي ويندو آهي، ڪڏهن ڪنهن رستي جي خوشبو، ڪڏهن ڪنهن اجنبي جو جملو ۽ ڪڏهن هڪ لپ اسٽڪ به سڄي ڏينهن جي نشاني بڻجي ويندي آهي.
سامان کان آزاد ٿيڻ کان پوءِ اسان جو اصل ارادو رائن فال ڏسڻ جو هو. سوئزرلينڊ اچڻ کان اڳ ئي مون Rhine Falls جون تصويرون ۽ وڊيوز ڏٺيون هيون، پر تصوير ۾ پاڻي ڏسڻ ۽ ان جي سامهون بيهي ان جو گوڙ ٻڌڻ ٻه بلڪل مختلف تجربا آهن. رائن فال زوريخ کان ٻاهر Schaffhausen ۽ Neuhausen am Rheinfall واري علائقي ۾ آهي. تقريباً 150 ميٽر ويڪرو ۽ 23 ميٽر اوچو هي آبشار يورپ جو سڀ کان وڏو آبشار سڏيو وڃي ٿو. اونهاري جي موسم ۾ جڏهن پاڻيءَ جو وهڪرو وڌي ٿو ته ان جي طاقت وڌيڪ نمايان محسوس ٿئي ٿي.
اتي پهچي ڏٺوسين ته سياحن لاءِ سٺو بندوبست ٿيل هو. هڪ طرف مٿان کان آبشار ڏسڻ جا هنڌ هئا، Laufen Castle واري پاسي کان به آبشار جي ويجهو پهچڻ جو رستو هو، ۽ هيٺ پاڻيءَ تي ننڍيون ٻيڙيون سياحن کي رائن فال جي وڌيڪ ويجهو وٺي وڃي رهيون هيون. چوڌاري کاڌي پيتي جون جايون، ويهڻ جا هنڌ ۽ سياح ئي سياح هئا. ڪي ماڻهو رڳو ڪناري تان آبشار ڏسي رهيا هئا، ڪي تصويرون ٺاهي رهيا هئا ۽ ڪي ٻيڙيءَ جي ٽڪيٽ وٺي هيٺ وڃي رهيا هئا. منهنجي نظر جڏهن ٻيڙين تي پئي ته مون فوراً زاهد کي چيو، ”پاڻ ٻيڙيءَ ۾ هلون ٿا.“ ايترو پري اچي رڳو مٿان کان آبشار ڏسي واپس وڃڻ لاءِ منهنجي دل تيار نه هئي.
ٽڪيٽ وٺي ٻيڙيءَ ۾ وڃي ويٺاسين. شروعات ۾ ٻيڙي آرام سان پاڻيءَ تي هلندي رهي. ٻنهي پاسن کان ساوا ڪنارا، سامهون رائن فال ۽ چوڌاري پاڻي، ماحول ايترو خوبصورت هو جو دل چئي رهي هئي ته ٻيڙي بس هلندي رهي. مان ڪڏهن زاهد جون تصويرون ڪڍان، ڪڏهن هو منهنجون، ڪڏهن وڊيو ٺاهيان. ان ڏينهن منهنجي نئين گهري رنگ واري لپ اسٽڪ به تصويرن ۾ خوب نظر اچي رهي هئي. پر جيئن جيئن ٻيڙي آبشار جي ويجهو ٿيندي وئي، منظر جو مزاج بدلجڻ لڳو. پري کان جيڪو پاڻي رڳو هڪ خوبصورت اڇي چادر وانگر لڳي رهيو هو، ويجهو وڃي ان جي اصل طاقت محسوس ٿيڻ لڳي.
پاڻيءَ جو گوڙ وڌندو ويو، هوا ۾ سنهڙا ڦڙا اڏامڻ لڳا ۽ ٻيڙي لهرن سان ٿوري مٿي هيٺ ٿيڻ لڳي. هڪ لمحي مون کي ڊپ به لڳو. دل ۾ چوان پئي، ”يا الله، هاڻي گهڻو ويجهو نه وٺي وڃي!“ پر عجيب ڳالهه اها هئي ته ساڳئي وقت دل جو ٻيو حصو چئي رهيو هو، ”هيءَ ٻيڙي رُڪي ئي نه، بس ائين ئي گهمائيندي رهي.“ شايد سفر جو مزو به انهيءَ ۾ آهي؛ ٿورو خوف، ٿورو تجسس ۽ ان کان گهڻي خوشي. آبشار جي ويجهو پاڻيءَ جو آواز ايترو تيز هو جو هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ لاءِ به آواز مٿي ڪرڻو پئي. ڪجهه دير تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهڻ کان پوءِ مون موبائل هيٺ ڪري ڇڏيو. مون سوچيو ته هر منظر موبائل ۾ محفوظ ڪرڻ ضروري ناهي، ڪجهه منظر اکين ۽ دل لاءِ به ڇڏڻ گهرجن.
رائن فال جي سامهون ويهي مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو احساس ٿيو ته قدرت کي تصويرن ۾ ڏسڻ ۽ ان جي سامهون بيهڻ ۾ وڏو فرق آهي. انسان پنهنجي ٺاهيل شهرن، عمارتن ۽ ٽيڪنالاجي تي ڪيترو به فخر ڪري، پر جڏهن هزارين ٽن پاڻي پنهنجي پوري طاقت سان سامهون وهي رهيو هجي ته انسان کي پنهنجي ننڍڙي هجڻ جو احساس ضرور ٿئي ٿو. مون لاءِ رائن فال جو اصل حسن رڳو ان جي ويڪر يا اوچائي ۾ نه هو، پر ان آواز، پاڻيءَ جي ڦڙن، ٻيڙيءَ جي هلڪي لڏڻ ۽ ان لمحي ۾ هو، جڏهن مون هڪ ئي وقت ڊپ به محسوس ڪيو ۽ دل مان اها خواهش به ڪئي ته هي سفر اڃا ڪجهه دير جاري رهي.
جڏهن ٻيڙي واپس ڪناري ڏانهن مڙي ته دل ۾ وري ساڳيو خيال آيو ته ٿورو ٻيو گهمائي ها. پر ڏينهن آهستي آهستي شام ڏانهن وڌي رهيو هو. اسان جا سوٽ ڪيس زوريخ اسٽيشن جي لاڪر ۾ بند هئا، رات جو هوٽل پهچڻو هو ۽ ٻئي ڏينهن اسان وٽ سوئزرلينڊ ۾ آخري اهم جاءِ ڏسڻ لاءِ رهيل هئي دنيا ۾ مشهور سوئس چاڪليٽ جي دنيا. هاڻي سفر جي اها عجيب گهڙي اچي چڪي هئي، جڏهن هر نئين جاءِ ڏسڻ جي خوشيءَ سان گڏ اندر اهو احساس به وڌي رهيو هو ته سوئزرلينڊ کان موڪلائڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي. دل اڃا هن ملڪ مان وڃڻ لاءِ تيار نه هئي، پر سفر ۾ ڪڏهن ڪڏهن انسان کي ان جاءِ کان به اڳتي وڌڻو پوندو آهي، جتي دل ڪجهه ڏينهن وڌيڪ رهڻ چاهي ٿي