يورپ سفرنامو - سوئزرلينڊ
سوئزرلينڊ - جڏهن موسم به اسان کي هڪ رات وڌيڪ روڪي ورتو
مسلسل ڇهه ملڪ گهمڻ کان پوءِ آخرڪار اهو وقت به اچي ويو، جڏهن نئين شهر جو نالو ٻڌي دل ۾ خوشيءَ کان اڳ ٿڪاوٽ محسوس ٿيڻ لڳي. سوٽ ڪيس کولڻ ۽ ٻڌڻ، هوٽلن ۾ چيڪ اِن ۽ چيڪ آئوٽ، ريلوي اسٽيشنن جا پليٽفارم، بسون، ٽرامون، نقشا ۽ روزانو ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ سفر جي شروعات ۾ اهي سڀ شيون adventure جو حصو لڳنديون آهن، پر مسلسل سفر کان پوءِ جسم هڪ ڏينهن پنهنجو حساب ضرور گهري ٿو.
سوئزرلينڊ ۾ اسان جو آخري ڏينهن هو ۽ منهنجي حالت اها هئي ته دل چوندي هئي، هاڻي ڪو اسان کي سامان سميت کڻي سڌو گهر پهچائي. زاهد وٽ وري به هڪ نئين تجويز موجود هئي.
”اٽلي به گهمندا هلون، هونئن به رستي ۾ پوي ٿو.“
مون بنا سوچڻ جي چيو، ”نه، هاڻي بس.“
اٽلي نه وڃڻ جو فيصلو شايد اسان جي يورپ واري سفر جو پهريون اهڙو فيصلو هو، جيڪو ڪنهن ٽڪيٽ، بجيٽ يا ويزا نه، پر اسان جي ٿڪاوٽ ڪيو هو. مون کي ان ڏينهن احساس ٿيو ته ڪنهن ملڪ ۾ رڳو پهچي وڃڻ کي سفر نٿو چئي سگهجي. ڪنهن جاءِ کي ڏسڻ لاءِ اکين ۾ تجسس، ذهن ۾ تازگي ۽ جسم ۾ هلڻ جي سگهه به هجڻ گهرجي. ٿڪيل ماڻهوءَ کي دنيا جو سڀ کان خوبصورت منظر به ڪڏهن ڪڏهن رڳو هڪ ٻي تصوير لڳندو آهي.
مون زاهد کي چيو، ”اٽلي لاءِ وري اينداسين. سوئزرلينڊ لاءِ به وري اينداسين.“
ڇو ته سوئزرلينڊ ڇڏڻ وقت مون کي محسوس ٿيو ته هن ملڪ کي هڪ ڀيرو ڏسڻ، هن ملڪ سان به ناانصافي آهي ۽ پنهنجي پاڻ سان به. اسان لوزرن ڏٺو هو، ٽِٽلس جي برف ۽ سردي محسوس ڪئي هئي، انٽرلاڪن ۽ رائن فال تائين پهتا هئاسين، پر اڃا به نقشو ڏسڻ سان ڪيتريون ئي جايون اسان کي سڏي رهيون هيون. سو دل ۾ هڪ ننڍڙو واعدو ڪري ڇڏيم: ان شاءَ الله، ٻيهر اينديس.
پر سوئزرلينڊ اڃا اسان کي مڪمل طور موڪل نه ڏني هئي.
زوريخ کان هالينڊ لاءِ اسان جي فلائيٽ تقريباً منجهند ڌاري هئي، پر ان کان اڳ منهنجي فهرست ۾ هڪ آخري نالو رهيل هو(Lindt Home of Chocolate).
زاهد کي فلائيٽ جي ڳڻتي هئي. چيائين، ”ائين نه ٿئي چاڪليٽ ڏسندي جهاز وڃائي ويهون.“
مون کيس سمجهايو ته سامان تيار آهي، هوٽل مان به وقت سر چيڪ آئوٽ ڪري ڇڏينداسين، رڳو وڃڻو، ڏسڻو ۽ واپس اچڻو آهي. ان وقت مون کي پنهنجي رٿابنديءَ تي مڪمل اعتماد هو. سفر ۾ اهڙا اعتماد به ڏاڍا دلچسپ هوندا آهن؛ ماڻهو سمجهندو آهي ته هن سڄي ڏينهن کي منٽن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته موسم پنهنجي الڳ رٿا ٺاهي ويٺي هوندي آهي.
صبح ناشتو ڪري، سامان مڪمل تيار ڪري ۽ هوٽل مان چيڪ آئوٽ ڪري اسان Kilchberg ۾ Lindt Home of Chocolate ڏانهن روانا ٿياسين. اتي پهتاسين ته ٻاهران ئي ماڻهن جي رش هئي. خاندان، ٻار، مختلف ملڪن جا سياح سڀ هڪ ئي طرف وڃي رهيا هئا ۽ اسان به انهن جي پٺيان اندر هليا وياسين.
اندر داخل ٿيندي ئي سامهون چاڪليٽ جو هڪ تمام وڏو فائونٽين نظر آيو. لڳ ڀڳ نو ميٽر اوچو اهو فائونٽين هن جاءِ جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. چاڪليٽ مٿان کان هيٺ وهندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ ان جي چوڌاري سياحن جو دائرو لڳل هوندو آهي. ڪو selfie وٺي رهيو هو، ڪو خاندان سان تصوير، ته ڪو پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيو هو. اسان به انتظار ڪيو ۽ جڏهن جاءِ ملي ته پنهنجون تصويرون ڪڍيونسين.
پر منهنجي دلچسپي رڳو فائونٽين ۾ نه هئي. سفر کان اڳ جڳهن بابت پڙهڻ منهنجي عادت هئي ۽ مون خاص طور پڙهيو هو ته هتي چاڪليٽ جي تاريخ، cocoa bean کان تيار چاڪليٽ تائين جو سفر ۽ جديد پيداوار جا مختلف مرحلا ڏسي سگهجن ٿا. ميوزيم جي دوري ۾ مختلف هنڌن تي چاڪليٽ چکڻ جو موقعو به ملي ٿو. مون پنهنجي ذهن ۾ اهو سڄو تجربو اڳ ئي ٺاهي ڇڏيو هو.
ڪائونٽر تي پهچي ٻه ٽڪيٽون گهريونسين.
”اڄ جون ٽڪيٽون ختم ٿي ويون آهن.“
پهرين ته مون سمجهيو شايد ايندڙ time slot ملي ويندو. پڇيم، ”اڄ ڪنهن ٻئي وقت؟“
جواب وري نه ۾ هو.
”ڪا ٻي صورت؟“
”سڀاڻي.“
مون زاهد ڏانهن ڏٺو. سڀاڻي تائين ته اسان سوئزرلينڊ ڇڏي چڪا هجون ها.
ان ننڍڙي واقعي مون کي سفر جو هڪ وڏو سبق ڏئي ڇڏيو: جڳهه بابت معلومات وٺڻ ۽ ان جي ٽڪيٽ وٺڻ ٻه الڳ ڪم آهن. مشهور هنڌن تي خاص ڪري وقت مقرر ٿيل داخلا هجي ته ٽڪيٽ اڳواٽ وٺڻ گهرجي. اڄ به Lindt Home of Chocolate پنهنجي سياحن کي اڳواٽ آن لائن ٽڪيٽ وٺڻ جي صلاح ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته مصروف ڏينهن ۾ ٽڪيٽون ختم ٿي سگهن ٿيون. بالغن جي موجوده داخلا CHF 17 آهي ۽ مڪمل دوري لاءِ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ رکڻ بهتر سمجهيو وڃي ٿو. البت ميوزيم جي ٽڪيٽ نه هجي تڏهن به وڏو چاڪليٽ فائونٽين، دڪان ۽ ڪيفي ڏسي سگهجن ٿا.
سو جيڪو نه مليو، ان جي افسوس ۾ جيڪو ملي رهيو هو، اهو وڃائڻ مناسب نه هو. اسان اتي گهمياسين، چاڪليٽن سان ڀريل دڪان ڏٺوسين، ڪجهه چاڪليٽ smoothies ۽ desserts آزمائياسين. هر طرف چاڪليٽ جي اهڙي دنيا هئي، جتي ٻارن کان وڌيڪ شايد وڏن جا چهرا خوش نظر اچي رهيا هئا.
پر اسان جي نظر بار بار گهڙيءَ ڏانهن به وڃي رهي هئي.
واپس هوٽل پهتاسين، ٿورو تازا ٿياسين، سامان کنيوسين ۽ هوٽل طرفان بندوبست ڪيل shuttle ۾ زوريخ ايئرپورٽ روانا ٿياسين. گاڏي جڏهن اسان کي مکيه داخلا وٽ لاٿو ته هڪ لمحي لاءِ بيهي چوڌاري ڏٺم. دنيا جي نقشي تي ڏٺل ”Zürich“ هاڻي منهنجي سامهون هڪ ايئرپورٽ جو نالو نه، پر گذريل ڪيترن ڏينهن جي يادگيرين جو آخري دروازو هو.
ان ڏينهن موسم به عجيب هئي. چاڪليٽ واري جاءِ وڃڻ وقت گرمي محسوس ٿي رهي هئي، پر پوءِ ڪڪر اهڙيءَ طرح گڏ ٿيا جو برسات شروع ٿي ۽ رڪڻ جو نالو نه ورتائين.
اسان جي boarding ٿي ۽ جهاز ۾ وڃي پنهنجي سيٽن تي ويٺاسين. مون سوچيو، هاڻي ڪجهه ئي دير ۾ جهاز اڏامندو ۽ سوئزرلينڊ پوئتي رهجي ويندو.
پندرهن منٽ گذريا. جهاز اتي ئي.
پوءِ اعلان ٿيو ته خراب موسم سبب take-off ۾ دير ٿيندي.
اڌ ڪلاڪ گذريو. پوءِ هڪ ڪلاڪ. پوءِ ٻيو.
مسافرن جي چهري تي اها بيچيني اچڻ لڳي، جيڪا ڪنهن به زبان جي ترجمي جي محتاج ناهي. ڪو فون تي پنهنجي ايندڙ سفر جا حساب بدلائي رهيو هو، ڪو عملي کان سوال ڪري رهيو هو، ته ڪو خاموش ويٺو ٻاهر برسات ڏسي رهيو هو.
آخرڪار اعلان ٿيو ته خراب موسمي حالتن سبب اڄ فلائيٽ نه اڏامندي.
مان ۽ زاهد هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو.
صبح مان چئي رهي هيس ته دل نٿي چوي سوئزرلينڊ ڇڏيون، ۽ هاڻي سوئزرلينڊ ڄڻ چئي رهيو هو:
”ٺيڪ آهي، اڄ نه وڃو.“
پر اهڙي ”هڪ رات وڌيڪ“ رهڻ ۾ اها رومانويت ڪٿي هئي، جيڪا پنهنجي مرضيءَ سان رهڻ ۾ هوندي آهي!
وري جهاز مان لهڻ، وري سامان، وري ايئرلائين جي هدايتن جو انتظار. مسافرن کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ فلائيٽ تائين رهائش جو بندوبست ڪرڻو پوندو ۽ هوٽل جي خرچ جي واپسيءَ لاءِ طريقيڪار ٻڌايو ويو. ان سڄي عمل ۾ ڪافي وقت گذري ويو ۽ اسان جي ٿڪاوٽ هاڻي جسم کان وڌيڪ چهري تي نظر اچڻ لڳي هئي.
ان افراتفريءَ ۾ مون ماڻهن کي به ڏٺو. مختلف پاسپورٽن وارا، مختلف ٻولين ۾ ڳالهائيندڙ، هر ڪنهن جو پنهنجو مسئلو. مون کي ان وقت محسوس ٿيو ته ڪجهه مغربي پاسپورٽ رکندڙ مسافرن جا معاملا وڌيڪ آسانيءَ سان اڳتي وڌي رهيا هئا، جڏهن ته ٻين کي وڌيڪ وضاحتن ۽ انتظار مان گذرڻو پئي. ممڪن آهي ان جا سبب ويزا، اڳتي جي سفر يا داخلا جي مختلف قانونن سان لاڳاپيل هجن؛ مون وٽ ان وقت ان جو پورو سبب معلوم ڪرڻ جو ذريعو نه هو. پر هڪ پاڪستاني مسافر جي حيثيت سان اهو مشاهدو ذهن ۾ ضرور رهجي ويو ته دنيا ۾ پاسپورٽ رڳو سفر جو دستاويز ناهي، ڪڏهن ڪڏهن اهو اوهان جي سفر جي آسانيءَ جو درجو به طئي ڪري ٿو.
هاڻي رات لاءِ هوٽل ڳولڻو هو. عين وقت تي ايئرپورٽ ڀرسان ڪمرو ملڻ پاڻ هڪ نئون امتحان هو. گهڻا هوٽل ڀريل هئا. آخرڪار هڪ ڪمرو مليو، جنهن لاءِ لڳ ڀڳ 200 سوئس فرانڪ ڏيڻا پيا. ان وقت سستو يا مهانگو سوچڻ جي سگهه به نه بچي هئي. رات گذارڻ لاءِ ڇت کپندي هئي، سو زاهد ڪمرو بڪ ڪيو ۽ اسان سامان کڻي هوٽل پهتاسين.
صبح جي فلائيٽ ستين وڳي هئي، تنهنڪري الارم چار وڳي جو لڳايوسين.
جڏهن الارم وڳو ته مون کي واقعي ائين محسوس ٿيو ڄڻ مان هاڻي هاڻي سمهي هيس. دل چوي، ”نه اٿ.“ جهاز چوي، ”اٿڻو پوندو.“
آخرڪار جسم کي دل جي مرضيءَ خلاف بستري مان ڪڍڻو پيو.
تيار ٿي سامان کنيوسين. هوٽل ايئرپورٽ کان ايترو ويجهو هو جو پنجن ڏهن منٽن جو پنڌ هو. ٻاهر وري برسات هئي، پر گذريل ڏينهن واري تيز برسات نه، هلڪي هلڪي. صبح جي اونداهي، خاموش رستو، هٿن ۾ سوٽ ڪيس ۽ ننڊ سان ڀريل اکيون—ڪالهه جي سياح واري چمڪ هاڻي ڪنهن ۾ به نه هئي.
جهاز ۾ وڃي ويٺاسين ته هن ڀيري اسان جي ڪا وڏي خواهش نه هئي. رڳو هڪ دعا:
”يا الله، اڄ فلائيٽ cancel نه ٿئي.“
ٿوري دير کان پوءِ جهاز ۾ آواز آيو:
“We are ready for take-off.”
مون بي اختيار شڪر ڪيو.
جهاز runway تي ڊوڙڻ لڳو. دريءَ تي پيل برسات جا ڦڙا تيزيءَ سان پوئتي لڪيرن وانگر وهڻ لڳا. پوءِ هڪ لمحي ۾ زمين هيٺ رهجي وئي.
مان دريءَ مان ٻاهر ڏسندي رهيس.
هي اهو ئي سوئزرلينڊ هو، جنهن ۾ اچڻ کان اڳ منهنجي ذهن ۾ برف، جبل، ڍنڍون ۽ فلمن جا منظر هئا. پر وڃڻ وقت مون سان گڏ رڳو اهي منظر نه هئا. مون سان لوزرن جي خاموشي، ٽِٽلس جي سرد هوا، سوئس ٽرينن جون دريون، انٽرلاڪن جا ساوا ميدان، رائن فال جو گوڙ، زوريخ اسٽيشن جا لاڪر، چاڪليٽ فائونٽين ۽ اها اڻڄاتل اضافي رات به وڃي رهي هئي.
شايد اهو ئي فرق آهي سياحت ۽ سفر ۾. سياح جڳهن جون تصويرون گڏ ڪري ٿو؛ سفر ڪندڙ انهن جڳهن مان ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون پاڻ سان کڻي موٽي ٿو.
جهاز مٿي وڃي رهيو هو ۽ سوئزرلينڊ آهستي آهستي ڪڪرن هيٺ لڪي رهيو هو. مون دل ۾ ان ملڪ سان وري ساڳيو واعدو ڪيو:
”مان ٻيهر اينديس. هن ڀيري توکي ڏسڻ آئي هيس، ايندڙ ڀيري توکي ٿورو وڌيڪ محسوس ڪرڻ لاءِ اينديس.“
اسان آخرڪار سوئزرلينڊ ڇڏي رهيا هئاسين. سياح آخرڪار سياح ئي هوندو آهي؛ ڪيتري به خوبصورت جاءِ سان دل لڳي وڃي، هڪ ڏينهن کيس پنهنجو سامان کڻي اڳتي وڌڻو پوندو آهي.
۽ اسان جي اڳيان وري هالينڊ هو.
پر هن ڀيري هالينڊ اسان لاءِ نئون ملڪ نه هو. اسان اتي اڳ به وڃي چڪا هئاسين.
پوءِ سوئزرلينڊ کان موٽي وري هالينڊ ڇو وياسين؟ اها ڪهاڻي ايندڙ قسط ۾.