يورپ سفرنامو — زوريخ ڍنڍ تي هڪ شام
زوريخ جي باري ۾ جڏهن هاڻي سوچيان ٿي ته ريلوي اسٽيشن، رائن فال ۽ چاڪليٽ کان علاوه هڪ ٻيو تجربو به ياد اچي ٿو، جيڪو سفرنامي ۾ لکڻ کان رهجي ويو هو Lake Zürich جو فيري وارو سفر.
سوئزرلينڊ اچڻ کان اڳ اسان Swiss Half Fare Card ورتو هو، ۽ ان جو فائدو اسان کي رڳو ٽرينن ۽ جبلن ڏانهن ويندڙ سفرن ۾ نه، پر هن boat cruise جي ٽڪيٽ وٺندي به ٿيو. جڏهن ٽڪيٽ وٺڻ وياسين ته Half Fare Card ڏيکارڻ سان اسان کي رعايتي ٽڪيٽ ملي. ان وقت مون کي وري محسوس ٿيو ته سوئزرلينڊ جهڙي مهانگي ملڪ ۾ جيڪڏهن سفر کان اڳ ٿوري planning ڪئي وڃي ته transport تي چڱي خاصي بچت ٿي سگهي ٿي. اڄ به Zürichsee جي عام scheduled boat services تي Half-Fare ticket موجود آهي.
فيري ۾ چڙهي جيئن ئي ويٺيس ته مون کي اوچتو ترڪيءَ جو سفر ياد اچي ويو.
مون زاهد کي چيو، ”هي ڏسي مون کي ترڪيءَ واري ship ياد اچي وئي.“
ترڪيءَ ۾ Bursa ڏانهن ويندي به اسان هڪ وڏي ferry ۾ سفر ڪيو هو، ۽ اهو سفر اڄ تائين منهنجي زندگيءَ جي خوبصورت ترين سفرن مان هڪ آهي. ان کان اڳ به ترڪيءَ ۾ مان هن کان وڏي ferry ۾ ويٺي هيس، جنهن ۾ رڳو مسافر نه پر ڪارون، وينون ۽ ٻيون گاڏيون به گڏ سفر ڪري رهيون هيون. ان وقت مون لاءِ اها ڳالهه پاڻ ۾ هڪ تجربو هئي ته هڪ وڏوبحري جهاز ماڻهن سان گڏ سندن گاڏيون به کڻي پاڻيءَ تي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري ڏانهن هلي رهيو آهي.
فيري ۾ چڙهي ويٺاسين ته زوريخ جو هڪ بلڪل مختلف چهرو سامهون اچڻ لڳو. شهر جي گهٽين ۾ هلندي عمارتون، ٽرامون ۽ ماڻهن جي رش نظر اچي ٿي، پر پاڻيءَ تي نڪرڻ کان پوءِ ساڳيو شهر اوچتو خاموش ۽ پرسڪون محسوس ٿيڻ لڳي ٿو.
ٻيڙي؟فيري آهستي آهستي اڳتي وڌندي رهي. ڪنارن تي خوبصورت گهر، وڻ، ننڍيون ٻيڙيون ۽ پري جبلن جو سلسلو نظر اچي رهيو هو. پاڻي ايترو پرسڪون هو جو ڪجهه دير لاءِ دل ئي وساري ويٺي ته اسان مسلسل ڪيترن ملڪن جو سفر ڪري ٿڪجي پيا آهيون.
مان ڪڏهن تصويرون ڪڍان، ڪڏهن زاهد سان ڳالهايان، ۽ ڪڏهن رڳو خاموش ويهي پاڻي ڏسان.
مون زاهد کي چيو، ”سوئزرلينڊ ۾ هڪ ڳالهه ته مڃڻي پوندي، هتي منزل کان وڌيڪ رستا خوبصورت آهن.“
ٽرين ۾ ويهو ته دريءَ کان ٻاهر منظر، ڪيبل ڪار ۾ ويهو ته هيٺ جبل، ۽ ٻيڙيءَ ۾ ويهو ته پاڻيءَ جي وچ مان شهر جو هڪ نئون روپ.
شايد انهيءَ ڪري سوئزرلينڊ لاءِ مون بار بار لکيو آهي ته هتي رڳو مشهور tourist spots تي پهچڻ ئي سفر ناهي. هتي هڪ ٽرين جي دري، ڍنڍ جي ڪناري تي ويهڻ يا پاڻيءَ تي هلندڙ هڪ سادي ٻيڙي به سفر جي ياد بڻجي سگهي ٿي.
Lake Zürich تي هلندڙ ٻيڙين جا مختلف route ۽ duration آهن؛ اڄ به تقريباً هڪ ڪلاڪ جي Mini Lake Cruise کان وٺي 1.5 ڪلاڪ جي Short Lake Cruise ۽ وڌيڪ ڊگهي cruise جا آپشن موجود آهن. تنهنڪري زوريخ ويندڙ ماڻهو پنهنجي وقت مطابق سفر چونڊي سگهي ٿو.
ٿڌي هوا هلي رهي هئي. Ship جو هيٺيون حصو مڪمل طور ڍڪيل هو، تنهنڪري ڪافي مسافر اندر آرام سان ويٺا هئا، جڏهن ته گهڻا ماڻهو مٿئين کليل deck تي ويهي ڍنڍ جا منظر ڏسي رهيا هئا. اسان به شروع ۾ مٿي وياسين. کليل آسمان هيٺان، ٿڌڙي هوا ۾ Lake Zürich کي ڏسڻ جو پنهنجو مزو هو، پر ڪجهه دير کان پوءِ ٿڌ وڌڻ لڳي ته اسان به هيٺ اچي ويٺاسين.
هيٺ جو ماحول بلڪل مختلف هو. گرم، آرامده جاءِ، وڏين درين مان ٻاهر ڍنڍ جا منظر، ۽ ماڻهن جي سامهون کاڌو. ڪي ماڻهو کائي چڪا هئا ته ڪي اڃا آرام سان ويهي کاڌو کائي رهيا هئا. انهن کي ڏسي اسان کي به بک جو احساس ٿيو ۽ سوچيوسين ته ڇو نه ڪجهه order ڪجي.
پر ٻاهرين ملڪ ۾ menu کولڻ به ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ هڪ ننڍڙو امتحان هوندو آهي! کاڌن جا اهڙا نالا سامهون اچن، جيڪي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ٻڌا به نه هجن، مٿان وري قيمتون ڏسي دل ۾ ٻيو سوال پيدا ٿئي: ”Order ته ڪريون، پر جيڪڏهن پسند ئي نه آيو ته؟“
مان ڪافي دير menu ڏسندي رهيس، پوءِ زاهد کي چيم، ”تجربو آخر ڪهڙي شيءِ جو نالو آهي؟ Order ڪنداسين، تڏهن ئي ته خبر پوندي ته ڇا آهي ۽ ذائقو ڪهڙو اٿس.“
پوءِ اسان ٻنهي وڏي سوچ ويچار کان پوءِ هڪ dish چونڊي. نالو پڙهي اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته آخر اندر ڇا هوندو ۽ ذائقو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. جڏهن کاڌو اسان جي سامهون آيو ته پهريون لقمو کائيندي ئي هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺوسين اسان جي سڄي سوچ ويچار ڪامياب ٿي وئي هئي!
کاڌو ايترو مزيدار نڪتو جو کائيندي دل خوش ٿي وئي. ڪڏهن ڪڏهن اڻڄاتل شيءِ بابت ذهن ۾ اجايو شڪ هوندو آهي، پر جڏهن ان کي آزمائجي ته اهو ئي تجربو سفر جي خوبصورت ياد بڻجي ويندو آهي.
کاڌو ختم ٿيو ته دل چيو، ”هڪ ٻيو به order ڪريون!“ پر ايتري دير ۾ ship پنهنجي ڪناري جي ويجهو پهچي رهي هئي. سو ٻيو order رهجي ويو.
اسان وٽ وقت محدود هو، تنهنڪري اسان لاءِ مقصد ڪنهن منزل تائين پهچڻ نه هو. اصل مزو ته ٻيڙيءَ ۾ ويهي شهر کي پاڻيءَ مان ڏسڻ جو هو.
۽ شايد سفر جي ڪجهه خوبصورت گهڙين جي خاص ڳالهه به اها ئي هوندي آهي انهن جي ڪا منزل نه هوندي آهي.
اوهان رڳو هلندا رهو ٿا، سامهون منظر بدلجندا رهن ٿا، ۽ دل چوي ٿي:
”ٿورو آهستي هلو... هي وقت اڃا ختم نه ٿئي.