مون کي اڄ به ياد آهي، جڏهن مون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ٽيون ۽ آخري امتحان ڏنو هو. انهن ڏينهن ۾ اسان ٺٽي ۾ رهندا هئاسين ۽ مان امتحان ڏيڻ لاءِ حيدرآباد آئي هيس.
نتيجو ڪافي وقت کان پوءِ آيو. صحيح وقت ته هاڻي ياد ناهي، پر ان وقت تائين اسان حيدرآباد منتقل ٿي چڪا هئاسين. منهنجي امڙ جي اک جو آپريشن هو، مان ۽ منهنجو مڙس ٻئي اتي موجود هئاسين، جڏهن ڪنهن مون کي ٻڌايو ته نتيجو اچي ويو آهي.
مون ڏٺو ته منهنجو پيپر پاس نه ٿيو هو، پر منهنجين ڪجهه دوست/ساهيڙين جو ٿي ويو هو.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ان وقت منهنجي دل مان پهريون خيال پنهنجي لاءِ نه، پر پنهنجي ساهيڙي لاءِ نڪتو. مون پنهنجي مڙس کي چيو:
”سٺو ٿيو هن جو ٿي ويو، هن کي هن نوڪريءَ جي مون کان وڌيڪ ضرورت هئي.“
ڇو ته ان وقت به الحمدلله اسان جون حالتون ٺيڪ هيون. منهنجي نوڪري نه ٿيڻ سان اسان جي زندگي رڪجڻي نه هئي. ان ڪري مون کي دل سان خوشي ٿي ته شايد اها نوڪري ان ماڻهوءَ کي ملي، جنهن کي ان جي مون کان وڌيڪ ضرورت هئي.
ها، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ دل ۾ اهو خيال ضرور آيو ته ”يار، منهنجو به ٿي وڃي ها ته ڪيترو سٺو ٿئي ها!“ پر پوءِ پاڻ کي چيم، خير آهي... شايد اڳتي ڪجهه ٻيو هوندو.
۽ پوءِ زندگي هلندي رهي...
اڄ جڏهن پوئتي مُڙي ڏسان ٿي ته سوچيان ٿي ته مان ڪٿان شروع ٿي هيس ۽ زندگي مون کي ڪٿي کان ڪٿي وٺي آئي.
اها سرڪاري نوڪري مون کي نه ملي، پر ڇا ان جو مطلب اهو ٿيو ته مان زندگيءَ ۾ ڪامياب نه ٿيس؟
نه، بلڪل نه.
اڄ مان پاڻ کي هڪ ڪامياب عورت سمجهان ٿي. مان هڪ ڪامياب ماءُ آهيان، هڪ ڪامياب زال آهيان، پنهنجي گهر ۽ رشتن کي سنڀالڻ سان گڏ پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجي سماجي زندگي، پنهنجي ذات، پنهنجي سکيا ۽ پنهنجي ڪم کي به گڏ کڻي هلي رهي آهيان.
زندگيءَ ۾ مان هڪ ڀيرو نه، ڪيترائي ڀيرا هارائي آهيان. ڪيترائي ڪم اهڙا ٿيا، جن ۾ منهنجي مرضي مطابق نتيجو نه نڪتو. ڏک به ٿيو، ڪجهه وقت لاءِ دل به خراب ٿي، پر منهنجي هڪ عادت هميشه رهي مان گهڻي دير اتي بيهي نه رهيس.
هڪ دروازو بند ٿيو ته ٿوري دير کان پوءِ پاڻ کي وري تيار ڪيو ته هاڻي ڪجهه نئون ڪجي.
شايد انهيءَ ڪري هر ناڪاميءَ کان پوءِ منهنجي طاقت گهٽجڻ بدران ٻيڻي ٿيندي وئي.
هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن مان ٻين کي ڏسي سوچيندي هيس: ڪنهن وٽ نوڪري آهي، ڪنهن هي حاصل ڪري ورتو، ڪنهن هو ڪري ورتو... ۽ مان پنهنجي زندگيءَ کي انهن جي زندگيءَ سان ڀيٽڻ لڳندي هيس. پر اهڙي ڀيٽ انسان کي اڳتي وٺي وڃڻ بدران اندر ئي اندر ڪمزور ڪندي رهي ٿي.
پوءِ هڪ ڏينهن مون پنهنجي هڪ ساهيڙيءَ سان دل جي ڳالهه ڪئي. هن مون کي جيڪي لفظ چيا، اهي اڄ تائين منهنجي دل ۾ آهن.
هن چيو:
”گُلشن، ڪاميابي صرف نوڪريءَ جو نالو ناهي. تون هڪ ڪامياب ماءُ آهين. تنهنجو پٽ يورپ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، ان جي پويان يقيناً ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جي محنت آهي. تون هڪ ڪامياب زال آهين، پنهنجو گهر سنڀاليو اٿئي، پنهنجي خاندان سان گڏ اڳتي وڌي آهين. آخر انسان کي زندگيءَ مان ڇا گهرجي؟ سڪون، سٺو گهر، پڙهيل ٻار، عزت ۽ پنهنجي سڃاڻپ.“
اهي لفظ منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويا.
ان ڏينهن مون سوچيو، اسان ڪاميابيءَ کي صرف نوڪري، عهدي يا پگهار سان ڇو ماپيون ٿا؟
اڄ مان جڏهن پراڻي گُلشن کي اڄ واري گُلشن سان ڀيٽيان ٿي، ته مون کي پنهنجي پاڻ تي فخر محسوس ٿئي ٿو.
مان اڄ جتي آهيان، اتي خوش آهيان. الله پاڪ مون کي منهنجي سوچ کان به وڌيڪ ڏنو آهي. ڪي شيون نه مليون، پر انهن جي بدلي ۾ اهڙيون شيون مليون، جن جو شايد مون ان وقت تصور به نه ڪيو هو.
۽ زندگيءَ مان مون هڪ تمام اهم ڳالهه سکي آهي:
ٻين لاءِ دل صاف رکو. ڪنهن جي ڪاميابي ڏسي دل ننڍي نه ڪريو. ڪنهن لاءِ سٺو سوچيو، ڪنهن جي ڪاميابيءَ تي خوش ٿيو، ڪنهن لاءِ دعا ڪريو. توهان جو حصو ڪو ٻيو کڻي نٿو سگهي. الله وٽ توهان لاءِ جيڪو لکيل آهي، اهو توهان تائين ضرور پهچندو.
اڄ جيڪڏهن توهان ڪنهن هڪ امتحان، نوڪري، ڪاروبار يا ڪنهن ٻئي خواب ۾ ڪامياب نه ٿيا آهيو ته پنهنجي پوري زندگيءَ کي ناڪام قرار نه ڏيو.
ٿي سگهي ٿو توهان جنهن دروازي کي پنهنجي منزل سمجهي رهيا آهيو، الله توهان لاءِ ان کان به اڳتي ڪو وڌيڪ خوبصورت رستو تيار ڪري رکيو هجي.
بس هلندا رهو...
پنهنجو پاڻ کي ٻين سان نه، پنهنجي ڪالهه سان ڀيٽيو.
جيڪڏهن اڄ وارو توهان، ڪالهه واري توهان کان وڌيڪ مضبوط، سمجهدار ۽ مطمئن آهي، ته يقين ڪريو
توهان اڳ ۾ ئي ڪاميابيءَ جي رستي تي آهيو.